اگر بتي

اگر بتي: هڪ قسم جي وڻ جي خوشبوءِ دار ڪاٺي، جيڪا ٻارڻ سان خوشبوءِ ڏيندي آهي، عام طرح ماڻهو اگر بتي درگاهن، مزارن، قبرن ۽ گهرن ۾ خوشبوءِ لاءِ ٻاريندا آهن، سنڌ ۾ جابلو ايراضيءَ ۾ اگر جا ننڍا ننڍا ٻوٽا ٿيندا آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص خوشبوءِ ڪانه هوندي آهي. هن ڪاٺيءَ کي ”اکر“ به چيو وڃي ٿو.


لفظ اگر بتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو