اڳتي قدم2

اڳتي قدم2 (ڪتاب ):سنڌ جي نامور ترقي پسند ڪهاڻيڪار ۽ اديب گوبند مالهيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڻ ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان اپريل 1986ع ۾، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر (ڀارت) پاران، نارائڻ ڀارتيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ مالهيءَ جون 10 ڪهاڻيون شامل آهن. هي سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن پاران مالهيءَ جي ڪهاڻين جو ڇپايل ٻيو مجموعو آهي، سندس پهريون مجموعو ’اها به آکاڻي آ‘ نالي سان ڇپايو ويو هو. ’اڳتي قدم‘، ڪرائون سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 10 رپيا رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو