بئنڊ

بَئنڊ: ولائتي سازن جو جوڙ. ولائتي ساز تي واڄو ڪرڻ وارن جي ٽولي. بئنڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ميمبر ٿيندا آهن، جيڪي جدا جدا ساز وڄائي سازين جي صورت پيدا ڪندا آهن. ڀارت مان آيل مسلمان شادي مراديءَ تي بئنڊ وڄارائيندا آهن، ليڪن سنڌ ۾ روايتي مڱڻهارن جو مقرر ٽولو هوندو آهي، جنهن جي ترتيب ۽ تاثر اڳيان بئنڊ باجا هلي نه سگهيا، تنهنڪري هاڻي بئنڊ باجا سرڪس تائين ۽ ڪن مخصوص شادين تائين محدود ٿي ويا آهن. اڄ ڪلهه جي بئنڊ اصل فوجي سازينو آهي، جيڪو ڪوچ جي دوران وڄائيندا آهن.


لفظ بئنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو