داخلا ؛ 4026
پڙهيو ويو ؛ 238
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون




ٽائيم لائين

1879.00.00-A.D
بابا رامداس جو جنم 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو

1955.12.14-A.D
بابا رامداس 14 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--بابا رامداس

ٽائيٽل ؛ بابا رامداس


شاخ : شخصيت

بابا رامداس: -بابا رامداس- جو -جنم- 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. سندس اصل نالو چوهڙ سنگهه هو. پر اڳتي هلي فقيري اختيار ڪرڻ کانپوءِ عام لوڪ کيس ”رامداس“ جي نالي سان سڃاڻڻ لڳا. -بابا رامداس- پرڀوءَ جو -ڀڳت- هو ۽ شروع کان ئي سنت کمياداس جي درٻار ۾ ويندو رهندو هو. -ان- درٻار جي سنتن بابا گرداس رام، سوامي سيراداس ۽ سوامي ڪاشي داس جي هڪ ٻئي پويان وفات ڪري وڃڻ بعد هن کي وينتي ڪئي وئي ته هلي گادي سنڀالي. پهرين ته هن انڪار ڪيو، پر نيٺ گهڻي اسرار ڪرڻ تي شرط رکيائين ته درٻار ۾ عطيو ڏيندڙ شخص خلق خدا جي ڀلي لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهندا. تنهن وقت سندس اهو شرط مڃيو ويو ۽ کيس چوهڙ سنگهه جي جاءِ تي ”رامداس“ نالو رکي، درٻار جو گادي نشين ڪيو ويو ۽ ماڻهو درٻار جي روايت موجب هن کي به ”کٽ وارو بابا“ سڏڻ لڳا. سنت -بابا رامداس- ڪرم يوڳي هو. هن جي اندر تڪليف ۾ آيل عام لوڪن جي سهائتا ڪرڻ جو جذبو تمام گهڻو هو. 1935ع ۾ جڏهن -بلوچستان- ۾، زلزلو آيو ۽ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا ته هن پنهنجا سوين مريد ڪوئيٽا موڪليا ۽ متاثرين جي دل کولي هر ممڪن مدد ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ هن کي هندستان لڏي وڃڻو پيو. -ان- وقت هن سنڌ مان هجرت ڪري بمبئيءَ ۾ پهتل سنڌين جي خوب سيوا ڪئي. هيءُ فقيري رنگ ۾ رتل يوگي صفت بزرگ 14 ڊسمبر 1955ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بابا رامداس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بابا رامداس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن