داخلا نمبر 12
عنوان بابا سريچند
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 976 ڀيرا
داخلا جو حوالو حوالا: متن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، تصويرون: وڪي پيڊيا، گگل ۽ ٻيون لاڳاپيل ويب سائيٽون توڙي ڪتاب
بابا سريچند

بابا سريچند

بابا سريچند

بابا سريچند: بابا سريچند ، سکن جي گروءَ ، گرونانڪ جو فرزند هو . پاڻ صوبي پنجاب جي شهر تلونڊي ( موجوده نانڪاڻه صاحب ) پاڪستان ۾ 1696ع ۾ ڄائو . سِکن جي روايت موجب هن جي شڪل پکيه نومي تِٿ تي شڪر وار يعني جمعي جي ڏينهن پنجين گهڙيءَ چڙهڻ تي بڊي جي مهيني ۾ نروار ٿي ۽ ڄمڻ وقت پاڻ شنڪر ڀڳوان جي روپ ۾ هو . سندس طبيعت فقيري هئي . سريچند ڪجهه عرصو ڪرتار پور ۾ رهي ، پوءِ نانڪاڻه صاحب کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي شهر کان ٻه ميل اوڀر طرف سنڌو درياهه جي ڪپ تي آستانو ٺاهي ويٺو . اهو ترخانن جي مرزا باقيءَ جو دور هو . هندو جاتي لڪي لڪي ساڻس ملڻ لڳي ته هن هندن تي ان وقت ٿيندڙ زيادتين تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پرارٿنا ڪئي . جڏهن مرزا باقيءَ کي خبر پئي ته هن چيو ، ’هي شخص چريو آهي ، ڇڏي ڏيوس ‘ . مرزا باقيءَ جي انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ تي درويش مرڪيو ۽ چيائين ، اهو پاڻ چريو آهي . ترت مرزا باقي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ خودڪشي ڪيائين . پوءِ مرزا جاني بيگ بابا سريچند سان ٺاهه ڪيو ۽ هندن سان به سٺي هلت هليو . اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته بابا هتي ڪيترو عرصو رهيو . هن وقت هندو سندس آستان تي پوڄا پاٺ لاءِ ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1996.00.00  عيسوي

سريچند صوبي پنجاب جي شهر تلونڊي ( موجوده نانڪاڻه صاحب ) پاڪستان ۾ 1696ع ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون