داخلا نمبر 31
عنوان بابر بادشاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 3219 ڀيرا
داخلا جو حوالو
بابر بادشاهه

بابر بادشاهه

بابر بادشاهه

بابر بادشاهه: بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي. بابر ڏاڏاڻي نسب کان تيموري ۽ ناناڻي نسب کان چغتائي چنگيزي هو. هيءُ 8 جون 1494ع ۾ 11 سالن جي عمر ۾ فرغانه جو حاڪم ٿيو. پيءُ جي وقت ۾ ئي بابر جون چاچن ۽ مامن سان لڙايون شروع ٿي چڪيون هيون جيڪي بدستور جاري رهيون ۽ خود بابر کي پڻ ڏهن سالن تائين شڪست ۽ فتح جي نشيب ۽ فراز ڏسڻ بعد وطن ڇڏڻو پيو. بابر جو چاچو محمد مرزا، سمرقند جو حاڪم هو. ان جي وفات ۽ بابر جي سئوٽن جي باهمي نا اتفاقيءَ جو فائدو وٺي سمرقند تي قبضو ڪيائين. 1499ع ۾ شادي ٿيس. 1504ع ۾ بلخ ۽ ڪابل به فتح ڪيائين. ان سان گڏ سياسي ۽ فوجي قوت به وڌايائين. 1507ع ۾ ارغونن کان اقتدار حاصل ڪيائين. 1511ع تائين سڄو افغانستان هن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 1524ع ۾ دولت خان لوڌيءَ جي دعوت تي لاهور آيو ۽ ديپالپور پڻ فتح ڪري ورتائين. 1526ع ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي (پاڻيپٽ جي پهرين لڙائي) دهلي ۽ آگري تي قبضو ڪيائين. پوءِ هڪ طرف راجپوتن کي ڪانواهه ۾ شڪست ڏنائين. (1527ع). ٻئي طرف سلطنت جي اڀرندي سرحد بنگال تائين پهچائي ڇڏي. بابر بادشاهه 26 ڊسمبر 1530ع تي آگري ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ”باغ بابر“ (ڪابل) ۾ دفن ڪيو ويو. جهانگير هن جي قبر تي سهڻو مقبرو اڏايو. هي مغليه خاندان جو اهو حڪمران هو. جيڪو وڏي حوصلي وارو، بلند نظر، جفاڪش، بهادر ۽ مشڪلات ۾ ڪڏهن به گهٻرائڻ وارو نه هو. عزم ۽ استقلال ۾ ڪڏهن فرق نه آيس. تمام گهڻو رحمدل ۽ فياض هو. هميشه سادي زندگي بسر ڪيائين. طاقتور اهڙو هو، جو ٻن ماڻهن کي ڪڇن ۾ دٻائي قلعي جي ديوار تي ڀڄندو هو. بابر ترڪي ۽ فارسي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. بابر جي خود نوشت سوانح عمري ”تزڪ بابري“ (بابر نامه) هن جي گهري نظر، صاف دلي ۽ صاف گوئي جو روشن دستاويز آهي. ’تزڪ بابري‘ جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0888.01.06  هجري

بابر بادشاهه: بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي


1483.02.14  عيسوي

بابر بادشاهه: بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي


0937.05.06  هجري

بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي


1530.12.26  عيسوي

بابر بادشاهه 26 ڊسمبر 1530ع تي آگري ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ” باغ بابر “ ( ڪابل ) ۾ دفن ڪيو ويو


1494.06.08  عيسوي

مغل بابر بادشاهه 8 جون 1494ع ۾ 11 سالن جي عمر ۾ فرغانه جو حاڪم ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون