داخلا نمبر 32
عنوان بابر بند
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 367 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

بابر بند

بابر بند: ٿاڻي بولاخان تعلقي ۾ هڪ ديهه. جيڪا انتهائي ڏکڻ ڪنڊ تي آهي. هن ديهه ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ موجود آهن: ’يامين جکرو‘، ’بيگ جوکيو‘، ’دريا خان جوکيو‘، ’صديق خاصخيلي‘، ’اسحاق جوکيو‘، ’دادو‘، ’وليداد جوکيو‘، ’نورخان‘، ’ڪات پالاري‘، ’سوڍو پالاري‘، ’عبدالشڪور‘، ’ڇڙوڇڙ‘ ۽ ’الهڏنو خاصخيلي‘ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ديهه ”موڙهي جبل“ ۾ پڻ هڪ ڳوٺ جو نالو ’بابر بند‘ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو