داخلا ؛ 34
پڙهيو ويو ؛ 993
پسند ڪيو ويو ؛ 8
تاريخ ؛ 2011-12-08


تصويرون


babri-mosque.jpg
بابري مسجد
بابري مسجد



ٽائيم لائين

1528.00.00-A.D
بابري مسجد 1528ع ۾ بابر بادشاهه تعمير ڪرائي هئي . اها مسجد ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي فيض آباد جي شهر اجوڌيا ( ايوڌيا ) ۾ اڏيل هئي

1990.00.00-A.D
1990ع ڌاري بنياد پرست هندن جي هڪ گروهه بابري مسجد جي جاءِ تي ’ رام مندر ‘ اڏڻ جي ڪوشش ۾ اتي ڪجهه مورتيون رکي پوڄا جو سلسلو شروع ڪيو ، جنهن تان اتان جي مقامي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فساد ٿي پيا

1992.00.00-A.D
پر وري 1992ع ۾ انتهاپسند هندن جي هڪ گروهه بابري مسجد مسجد تي ڪاهه ڪري ان کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي ” رام جنم ڀومي “ نالي مندر قائم ڪيو . ان واقعي نه صرف ڀارت ۾ ، پر آسپاس جي مسلمان ملڪن ۾ به بيچيني پيدا ڪري وڌي

-A.D





sindhianaسنڌيانا--بابري مسجد

ٽائيٽل ؛ بابري مسجد


شاخ : مذهب

بابري مسجد: -بابري مسجد- 1528ع ۾ -بابر بادشاهه- تعمير ڪرائي هئي. اها مسجد ڀارتي رياست -اتر- پرديش جي ضلعي فيض -آباد- جي شهر اجوڌيا (ايوڌيا) ۾ اڏيل هئي. اجوڌيا شهر هندو ڌرم ۽ -ٻڌ- ڌرم وارن جو مقدس شهر آهي، ڇاڪاڻ ته هندو ڌرم وارا هن شهر کي شري رام چندر جي ڄمڻ وارو هنڌ ٿا سمجهن ۽ ٻڌڌرم وارن جون وري هتي ڪجهه عبادتگاهون آهن، جڏهن ته -بابري مسجد- جي موجودگيءَ سبب هيءُ شهر مسلمانن لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هندو ڌرم وارا چون ٿا ته -بابري مسجد- جنهن هنڌ تي تعمير ٿيل آهي، اتي در اصل رام -جنم- ڀومي هئي. -ان- ڪري اتي کين مندر اڏڻ ڏنو وڃي. 1990ع ڌاري بنياد پرست هندن جي هڪ گروهه -بابري مسجد- جي جاءِ تي ’رام مندر‘ اڏڻ جي ڪوشش ۾ اتي ڪجهه مورتيون رکي پوڄا جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن -تان- اتان جي مقامي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فساد ٿي پيا. هڪ نازڪ عدالتي حڪم ذريعي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ساڳي حيثيت (اسٽيٽس ڪو) قائم رکندي، هٿياربند گارڊ مسجد جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا. پر وري 1992ع ۾ انتهاپسند هندن جي هڪ گروهه مسجد تي ڪاهه ڪري -ان- کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ -ان- جي جاءِ تي ”رام -جنم- ڀومي“ نالي مندر قائم ڪيو. -ان- واقعي نه صرف ڀارت ۾، پر آسپاس جي مسلمان ملڪن ۾ به بيچيني پيدا ڪري وڌي. -ان- کانپوءِ ڀارتي حڪومت پاران اهو اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته هتي مسجد جي اڏجڻ کان اڳ ڪو مندر موجود هو ته اها اتي اهڙو مندر ٺهرائي ڏيندي. 1994ع جي پڇاڙيءَ کان
هاءِ ڪورٽ اهو معاملو ٽاريندي اچي. هن وقت اهو معاملو -الهه آباد- هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ۽ -ان- هنڌ تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن.




رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -بابري مسجد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بابري مسجد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


مذهب - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابري مسجد
بابلي مذهب
آتش پرستي
بپتسمو
بدعت
ٻڌمت
اسلام
اڪال ڀونگو مندر
اثناعشري
بعل
آريا سماج
آرين جو مذھب
اڏيرو مندر
ايمان
اداسين جو مندر
ڀاڳناڙي مندر
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
ثنويت
ڀڳتي تحريڪ
ڀڳوانُ
ڀڳوان ٻڌ
تفسير آية الڪرسي
ڀوڏيسر مندر
ڀوڏيسر مندر 2
ڀولي ناٿ شو شنڪر مندر
ڀيشم
ڀيم سين
تابِعينِ
تاؤمت
ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر
پادري
پارسي


.....مذهب موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن