داخلا ؛ 50
پڙهيو ويو ؛ 514
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-08


تصويرون




ٽائيم لائين

1852.08.16-A.D
حڪومت سان ميرزا يحيٰ صبح ازل جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو ، جڏهن 28 شوال 1268هه/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاهه ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون

1268.10.28-Hijree
حڪومت سان ميرزا يحيٰ صبح ازل جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو ، جڏهن 28 شوال 1268هه/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاهه ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون

-A.D





sindhianaسنڌيانا--بابي تحريڪ

ٽائيٽل ؛ بابي تحريڪ


شاخ : سماج

بابي تحريڪ: اوڻيهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ -ايران- ۾ جيڪي تحريڪون پيدا ٿيون، -تن- ۾ مذهبي ۽ سياسي ردعمل جي لحاظ سان -بابي تحريڪ- قابل ذڪر سمجهي ويندي آهي. -ان- جو باني سيد علي محمد شيرازي ”باب“ هو، جنهن جي دعويٰ هئي ته -الله- تعاليٰ ساڻس هم ڪلام ٿئي ٿو ۽ -ان- تي وحي نازل ٿئي ٿي. ”باب“ پنهنجي وفات کان اڳ ميرزا يحيٰ صبح ازل کي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ۽ سڄي جماعت -ان- جي سرڪردگيءَ ۾ اچي وئي. صبح ازل حڪومت سان الجهڻ نٿي چاهيو، مگر جيڪا -باهه- -ٻري- چڪي هئي، سا وسامڻ کان مٿي چڙهي چڪي هئي. حڪومت سان اُن جو ٽڪراءُ -ان- وقت گهڻو وڌي ويو، جڏهن 28 شوال 1268هه/ 16 -آگسٽ- 1852ع تي شاهه -ايران- تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون. شاهه -ايران- تي بابين جي حملي، تحريڪ کي بدنام ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت بابين جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيل بابين کي، -جن- ۾ ميرزا علي حسن نوري (بهاءُ الله) به شامل هو، هٿڪڙيون پارائي، -تهران- موڪليو ويو. تحريڪ جو سربراهه صبح ازل ڀڄي -بغداد- پهتو ۽ بابين -بغداد- کي تحريڪ جو مرڪز بنايو. انهيءَ دوران صبح ازل ۽ بهاءُ -الله- ۾ اختلاف پيدا ٿيو، تنهنڪري بابين ۾ فتنو فساد پيدا ٿيو. شيخ احمد -بن- زين الدين الاحسابيءَ جو خيال هو ته -تخليق- ڪائنات علت غائي آهي ۽ -ان- جو اصل باعث -ٻارهن امام- آهن، اُهي مشيت ايزديءَ جا مظهر ۽ الاهي منشا جا ترجمان آهن. -الله- تعاليٰ جا سڀ ڪم انهن جي وسيلي پورا ٿين ٿا. -الله- تعاليٰ جي ذات فهم کان بالاتر آهي ۽ اسين -ان- جو ادراڪ مادي وجود جي ذريعي ئي ڪري سگهون ٿا.
”باب“ پاڻ کي ”شجر حقيقت“ قرار ڏنو هو. هو پاڻ کي ”مؤرد وحي ۽ الهام“ ۽ شريعت جو حامل به چوندو هو. هن جي دعويٰ هئي ته سندس مرتبو (نعوذ بالله) گذريل نبين کان مٿي آهي. بابين جو عقيدو آهي ته ”هزار سالن کان پوءِ شريعت بدلجي وڃي ٿي“. ”باب“ جا اخلاقي فقه متعلق هيٺيان احڪام آهن: ڏوهن جون هلڪيون سزائون ڏنڊ وغيره تائين محدود آهن، سڀ کان وڏي سزا قتل جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. قاتلُ، مقتول جي وارثن کي
11 هزار مثقال سون ادا ڪندو. آمدني ٽئڪس فقط سرمايي تي مقرر ٿيندي. -تماڪ- ڇڪڻ ۽ وڪڻڻ تي منع هوندي. ”باب“ هڪڙي پيشنگوئي به ڪئي، جنهن کي هن ”يُظهره الله“ جي لفظن سان بيان ڪيو آهي ته -ان- جو ظهور ”غياث“ جي عددي قيمت 1511ع يا زياده کان زياده مستغاث جي عددي قيمت 2000ع کان اڳ ۾ ٿيندو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بابي تحريڪ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بابي تحريڪ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن