باد نُما

باد نُما: هوا جو رُخ ۽ رفتار ڏيکاريندڙ ڦِرڻي، جيڪا موسميات کاتي وارا ڪنهن لوهي لٺ ۾ مٿاهينءَ جاءِ تي هڻي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ هوا جي رفتار جي خبر پوندي آهي. هن ڦِرڻيءَ کي ’باد پيما‘ به چوندا آهن. ڪن هنڌن تي ڪاٺ جي تير کي وچ ۾ ڪِلي هڻي، ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ مٿاهينءَ جاءِ تي هڻي ڇڏيندا آهن، جنهن طرف کان هوا لڳندي هوندي، تير جو پُڇ انهيءَ طرف جي پٺ ۾ هوندو آهي ۽ ان طرح طرف ڏسڻيءَ جو ڪم ڏيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو