داخلا جي تاريخ 2011-12-09
داخلا نمبر 98
عنوان بادو درويش
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 177 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

بادو درويش

بادو درويش: حيدرآباد شهر جي ويجهو، ناهين جي ڳوٺ ۾ درويش بادو دفن ٿيل آهي، جو مخدوم نوح جو مريد هو. چون ٿا ته جڏهن پهرين پهرين اچي مخدوم وٽ مريد ٿيو، تڏهن هن چيس ته ”ڪلمو پڙهه“؛ ڪلمي پڙهڻ سان مڇيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو ۽ بيهوش ٿي ويو ۽ مُئن وانگر سُڪي ويو. اندر حجري ۾ کڻي ويس. ٽي ڏينهن انهيءَ حال ۾ پيو رهيو. پوءِ اٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪامل ولي ٿي پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو