باران ماٿري

باران ماٿري: ڪَرچات جي ڀرسان کيرٿر سلسلو ختم ٿئي ٿو ۽ اتان ’ڪانڀوءَ‘ جون ٽڪريون شروع ٿين ٿيون. کيرٿر جي ڏاکڻئين ڇيڙي وٽ ماٿريءَ جي ٻئي پاسي ”باران نئن“ (نئن بارڻ) وهندي آهي، جيڪا پهريائين کيرٿر جي ڪَڇ ڏئي هڪ ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي، جنهن جي اولهه ۾ ’ڪانڀوءَ‘ ۽ اوڀر ۾ ’لڪي‘ سلسلي جون ٽڪريون آهن. اها نئن ٻنهي سلسلن سان وهندي وڃي ٿاڻي بولاخان پهچي ٿي ۽ اتان لائيڊ واري لڪدار واٽ وٽان ٻاهر نڪري ٿي. هن واديءَ مان ڪيترائي آمد و رفت جا رستا گذرن ٿا. تن مان ٻن جو ذڪر تمام ضروري آهي، پهريون رستو ڪرچات جي اوڀر ۽ باران نئن جي الهندي ڪَر ڏيو ڪراچيءَ وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو کجور وٽان نئن جي صورت اختيار ڪري ڪرچات جي ڏکڻ اوڀر ڏس تي نڪري عارب ٿاڻي کان ٿيندو، وڃي ڪوٽڙيءَ پهچي ٿو. اڳ ۾ بيان ٿيل هڪ رستي ڇاڙهه کجور کان اولهه طرف مڙي، تؤنگ کان ٿيندي، بلوچستان جي جهالاوان ضلعي جي دنگ تائين پهچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو