داخلا نمبر 124
عنوان بارٽل فريئر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 812 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بارٽل فريئر

بارٽل فريئر

بارٽل فريئر

بارٽل فريئر: سر بارٽل فريئر 29 مارچ 1815ع تي ويلز جي ’برڪنڪشائر‘
(Brecknockshire) شهر ۾ ڄائو. 1834ع ڌاري هيليبري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، انڊين سول سروس ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين. مسٽر بارٽل فريئر انگريزن جي اوائلي دور جو هڪ عملدار هو. کيس 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان وقت فريئر صرف 35 سالن جو هو. فريئر جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ معاشرتي، تجارتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو. هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون انگلش ميڊيم اسڪول کليو. هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ کان ملتان تائين سنڌو درياهه جي رستي ”بوٽ سروس“ شروع ڪئي وئي. ڪراچي بندرگاهه جي ترقيءَ لاءِ پڻ هن بندرگاهه جي سروي ڪرائي. هن ٽپال کاتي ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون. فريئر جي دؤر ۾ ڪراچيءَ تمام گهڻي ترقي حاصل ڪئي. 1853ع ۾ هن شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ملير نديءَ ۾ نوان کوهه کوٽايا ويا ۽ 1859ع ۾ ڪياماڙيءَ کان ڪينٽ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لِپي ۽ صورتخطي مقرر ڪرائڻ لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽي، سر ايڇ. بئرو ايلس جي سربراهيءَ ۾ مقرر ڪرائي، ان کي حتمي شڪل ڏياري ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏياريو. هن 1857ع ۾ هڪ فرمان ذريعي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان بنايو ۽ حڪم ڏنو، ڪا به درخواست صرف سنڌيءَ ۾ لکيل قبول ڪئي ويندي ۽ جي فارسيءَ ۾ لکيل هوندي ته ان سان سنڌي ترجمو شامل ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ ٻڌڻ ۾ نه ايندي.
فريئر آڪٽوبر 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو، جتان هن کي ترقي ڏيئي بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت هيءُ ڏکڻ آفريقا ۾ به رهيو. هن 29 مئي 1884ع تي ”سري“ جي ”ومبلڊن“ شهر ۾ وفات ڪئي. سندس نالي سان ڪراچيءَ ۾ فريئرهال ۽ ”فريئر روڊ“ مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1815.03.29  عيسوي

سر بارٽل فريئر 29 مارچ 1815ع تي ويلز جي ’ برڪنڪشائر ‘ ( Brecknockshire ) شهر ۾ ڄائو . 1834ع ڌاري هيليبري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ، انڊين سول سروس ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين . مسٽر بارٽل فريئر انگريزن جي اوائلي دور جو هڪ عملدار هو


1853.00.00  عيسوي

1853ع ۾ سر بارٽل فريئر شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ملير نديءَ ۾ نوان کوهه کوٽايا ويا ۽ 1859ع ۾ ڪياماڙيءَ کان ڪينٽ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي


1853.00.00  عيسوي

سر بارٽل فريئر 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لِپي ۽ صورتخطي مقرر ڪرائڻ لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽي ، سر ايڇ . بئرو ايلس جي سربراهيءَ ۾ مقرر ڪرائي ، ان کي حتمي شڪل ڏياري ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏياريو


1857.00.00  عيسوي

سر بارٽل فريئر 1857ع ۾ هڪ فرمان ذريعي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان بنايو ۽ حڪم ڏنو ، ڪا به درخواست صرف سنڌيءَ ۾ لکيل قبول ڪئي ويندي ۽ جي فارسيءَ ۾ لکيل هوندي ته ان سان سنڌي ترجمو شامل ڪيو وڃي ، ٻيءَ صورت ۾ ٻڌڻ ۾ نه ايندي


1884.05.29  عيسوي

هن سر بارٽل فريئر 29 مئي 1884ع تي ” سري “ جي ” ومبلڊن “ شهر ۾ وفات ڪئي . سندس نالي سان ڪراچيءَ ۾ فريئرهال ۽ ” فريئر روڊ “ مشهور آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون