هڪ بادشاهه پنهنجي درٻار ۾

هڪ بادشاهه پنهنجي درٻار ۾

بارگاهه

بارگاهه: قديم دؤر ۾ ايران ۽ روم جي حڪومتن ۾ ”درٻار“ کي ”بارگاهه“ چيو ويندو هو. يعني اُها جاءِ جتي حاڪم ويهي پنهنجن وزيرن سان صلاح مصلحت ڪري، حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ حُڪم جاري ڪري، عام ماڻهن ۽ فريادين جا فرياد ۽ عرضدارن جا عرض ٻُڌي، نه رڳو پنهنجي رعيت جي سارسنڀال لهي، پر ٻاهران آيل سفيرن ۽ سوداگرن سان ملاقات ڪري. پوءِ اها جاءِ بادشاهه جو محلات به ٿي سگهي ٿو ته علحده ايوان به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حاڪم اُنهي مقصد لاءِ تنبن ۽ شاميانن ۾ ويهي ته اها به بارگاهه چئبي. عربن وٽ اڳ ۾ ئي بارگاهه جو متبادل ”صُفه“ هو، جنهن کي ڪائونسل ۽ درٻار وغيره جي حيثيت حاصل هئي، انهيءَ حوالي سان عربستان جا”اَهل صفه“ مشهور آهن، جيڪي قومن ۽ قبيلن جا فيصلا ڪندا هئا ۽ راڄوڻي معاملن ۾ ڇيڙي نبيري ڪندا هُئا. اڳتي هلي خلفاءِ راشدين جي دؤر کان پوءِ امير معاويه اسلامي بارگاهه قائم ڪئي. بارگاهه ۾ باريابيءَ (داخلا) لاءِ ڪي شرط طئي هُئا، جيئن بارگاهه ۾ فقط اُهو داخل ٿي سگهندو، جنهن کي طلب ڪيو ويندو هو. هر عام و خاص کي بنا اجازت ۽ بنا طلب جي وَڃڻ جي اجازت نه هُوندي هُئي. بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به بنا اجازت جي هليو وڃڻ قابلِ سزا جُرم هوندو هو. حاڪم جيستائين بارگاهه ۾ ويٺو هوندو، سڀني کي ويهڻو پوندو. آهستي آهستي بارگاهه جو لفظ خاص الله تعاليٰ جي حضور ۽ درٻار لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جيڪو ادب خاطر ”بارگاهه اِلاهي“ اُچارجڻ لڳو ۽ اِهوئي اصطلاح اڄ ڪلهه دُعائن ۽ مناجات ۾ استعمال ٿيندو آهي. بارگاهه اِلاهيءَ وانگر ”بارگاهه رسالت“ به دعائن ۾ استعمال ٿيندو آهي .


لفظ بارگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو