بازار امير بيگ

بازار امير بيگ: اُها بازار ترخانن جي دور ۾ ٺٽي شهر ۾ مرزا جاني بيگ جي لشڪر جي بخشيءَ ۽ سندس درٻار جي امير، مرزا امير بيگ جي نالي هئي. اهو امير سنڌ فتح ٿيڻ (1000هه/1591ع) بعد مرزا جانيءَ بيگ سان گڏجي اڪبر بادشاهه وٽ به ويو هو ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علائقو مرزا کي واپس مليو، تڏهن ٻين اميرن سان گڏجي هي به پٺتي موٽي آيو. پورچوگيزن جي حملي ۾ (963 هه/1555ع) ٺٽي اندر جيڪي شهيدن جا گنج ٿيا، انهن مان هڪ انهيءَ بازار ۾ به هو. پورچوگيزن انهيءَ بازار ۾ جيڪي مسلمان شهيد ڪيا، سي انهيءَ بازار ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا. پورچوگيزن جي حملي جو زور ٺٽي ۾ جن پنجن جاين تي زياده هو، تن ۾ اها بازار به شامل هئي.

هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1000.00.00  هجري

مرزا امير بيگ سنڌ فتح ٿيڻ ( 1000هه/1591ع ) بعد مرزا جانيءَ بيگ سان گڏجي اڪبر بادشاهه وٽ به ويو هو ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علائقو مرزا کي واپس مليو ، تڏهن ٻين اميرن سان گڏجي هي به پٺتي موٽي آيو .

1591.00.00  عيسوي

مرزا امير بيگ سنڌ فتح ٿيڻ ( 1000هه/1591ع ) بعد مرزا جانيءَ بيگ سان گڏجي اڪبر بادشاهه وٽ به ويو هو ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علائقو مرزا کي واپس مليو ، تڏهن ٻين اميرن سان گڏجي هي به پٺتي موٽي آيو .

1555.00.00  عيسوي

پورچوگيزن جي حملي ۾ ( 963 هه/1555ع ) ٺٽي اندر جيڪي شهيدن جا گنج ٿيا ، انهن مان هڪ انهيءَ بازار بازار امير بيگ ۾ به هو . پورچوگيزن انهيءَ بازار ۾ جيڪي مسلمان شهيد ڪيا ، سي انهيءَ بازار ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا . پورچوگيزن جي حملي جو زور ٺٽي ۾ جن پنجن جاين تي زياده هو ، تن ۾ اها بازار بازار امير بيگ به هئي .

0963.00.00  هجري

علائقو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهي بازار حيدرآباد
ڍڪ بازار شڪارپور
پوٺوهار1
کائڙ
حسين آباد1
ديراموڙ
بازار قصايان
باغبان
بازار امير بيگ
پليار
علائقو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون