بازنطيني سلطنت

بازنطيني سلطنت (Byzantine Empire ):اوڀر روم ۾ هڪ مشهور سلطنت، جنهن جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو ”بازنطيم“ (Byzantium) هو. ان ڪري هي سلطنت بازنطيني مشهور ٿي. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن عظيم رومي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ حصو اولهه روم واري سلطنت ۽ ٻيو حصو اوڀر روم واري سلطنت سڏيو ويو، جيڪا بعد ۾ بازنطيني سلطنت سڏي وئي، اولهه روم واري سلطنت اڳتي هلي وري ڪيترين ننڍين بادشاهتن ۾ ورهائجي وئي، پر اوڀر روم واري يعني بازنطيني سلطنت ڪيترين صدين تائين قائم رهي. سن 330ع ۾ رومي شهنشاهه ڪانسٽنٽائين (Constantine) بازنطيم جو نالو بدلائي پنهنجي نالي سان ان تي قسطنطنيا (Contantonople) رکي ڇڏيو، جنهن جي معنيٰ ”ڪانسٽنٽائين جو شهر“ آهي. ان کانپوءِ انهيءَ شهر کي پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ڇڏيائين، پر سن 1930ع ۾ ترڪ حڪومت، هن شهر جو نالو تبديل ڪري ”استنبول“ (Istanbul) رکي ڇڏيو. بازنطيني سلطنت ۾ جيڪي ملڪ شامل هئا، تن ۾ ايشيا مائنر، مصر، ٿريشيا ۽ يونان جا ڪجهه حصا اچي ٿي ويا. سن 395ع ۾ هيءَ سلطنت به ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، 500ع ۾ بلقان جي سلاوي قبيلن ۽ جرمنيءَ جي ونڊال قومن بازنطينين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪيئي حملا ڪيا. شهنشاهه جسٽينن اقتدار سنڀاليو ته ان سان گڏ بازنطيني سلطنت وري عروج حاصل ڪيو، هن جي ملڪه (زال) ٿيوڊرا (Theodora) به هڪ لائق ملڪه طور سندس مدد ڪئي. جڏهن 527ع ۾ شهنشاهه جسٽينن وفات ڪئي ته ان سان گڏ وري بازنطيني سلطنت به لوڏن ۾ اچي وئي. ستين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ طرف اتر واري لمباري (Lombardy) علائقي ۾ آباد قوم ۽ ايرانين ته ٻئي طرف عربن انهيءَ سلطنت تي هڪٻئي پويان حملا شروع ڪري ڏنا. نيٺ 643ع تائين فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ قبرص مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويا. اهڙيءَ طرح اها سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ رڳو يونان تائين محدود ٿي وئي.
1453ع ۾ ترڪيءَ جي بادشاهه سلطان محمد ٻئي (1432ع-1481ع) قسطنطنيا تي قبضو ڪري بازنطيني سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. انهيءَ جنگ ۾ بازنطيني سلطنت جو آخري بادشاهه ڪانسٽنٽائين يارهون پليو لوگس جي ميدان تي جنگ وڙهندي مري ويو. ان سان گڏ بازنطيني سلطنت جو هميشه لاءِ خاتمو اچي ويو.


لفظ بازنطيني سلطنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو