داخلا نمبر 181
عنوان باغ علي شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 250 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

باغ علي شاهه

باغ علي شاهه: هيءُ شاهه صاحب، سيد ڏنل شاهه ڀِڪ واري (تعلقي شڪارپور) جو طالب هو، جيڪو وري شاهه نصيرالدين نقشبندي نوشهري فيروز واري جو طالب هو. باغ علي شاهه سلوڪ وارو فقير هو. سندس ڪي ڪافيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو