باغ ۽ باغباني

باغ ۽ باغباني (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ باغبانيءَ جي فن جي ڄاڻ ڏنل آهي. هن رايل سائيز ڪتاب ۾ 272 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ٻارهن آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، گورنمينت سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچيءَ طرفان سال 1897ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي بورڊ جي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1960ع ۾ ڇپايو، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ 414 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو