داخلا ؛ 4213
پڙهيو ويو ؛ 520
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-08-06


تصويرون


Bal-Thakure.gif
بال ٺاڪري
بال ٺاڪري



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بال ٺاڪري

ٽائيٽل ؛ بال ٺاڪري


شاخ : سياستدان

بال ٺاڪري: -بال ٺاڪري- هندستان جي رياست مهاراشٽر جو با اثر ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، -بال ٺاڪري- ابتدا ۾ ڪارٽون ٺاهيندو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي سياستدان بڻيو. هن 30 سال اڳ هندو انتهاپسند تنظيم ’شِوسينا‘ قائم ڪئي. 93- 1992ع جي مذهبي فسادن کانپوءِ هن تي وڏي -تنقيد- ٿي ۽ مٿس اهي فساد ڪرائڻ جو الزام هنيو ويو. هي شِوسينا، اقليتن ۽ خاص ڪري مسلمانن کي نشانو بڻائڻ مذهبي ۽ نسلي مت ڀيد وڌائڻ جي الزامن جي ڪري مشهور آهي. -بال ٺاڪري- 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئيءَ جي هڪ -اخبار- لاءِ سياسي ڪارٽونسٽ طور پنهنجي عملي زندگيءَ جو سفر شروع ڪيو. 1966ع ۾ هن مهاراشٽر جي مقامي رهواسين جي حقن جي حاصلات لاءِ شوسينا قائم ڪئي. هن پارٽيءَ بمبئيءَ ۾ ڏکڻ هندستانين کي نشانو بڻايو ۽ تشدد ڀري مهم هلائي، ساڳئي نموني گجراتي ۽ مسلمان برادرين کي پڻ نشانو بڻايو ويو. -بال ٺاڪري- جي پارٽيءَ جا ميمبر هن سان جنون جي حد تائين عقيدت رکندا آهن. توڙي جو هو پاڻ ڪڏهن به چونڊ ۾ ناهي بيٺو، پر پارٽيءَ جي منظم نيٽ ورڪ ذريعي سندس هر حڪم تي عمل ٿيندو آهي. ڪجهه عرصو اڳ شوسينا جي ڪارڪن عورتن تڪراري فلم ”فائر“ خلاف سئنيمائن تي حملا ڪيا ۽ سندن مالڪن کي اها فلم نه هلائڻ تي مجبور ڪيو. شيوسينا بالي ووڊ جي مسلمان اداڪار يوسف عرف دليپ ڪمار کي به نشانو بڻايو، ڇو ته کيس -پاڪستان- جو اعليٰ -ترين- شهري اوارڊ ڏنو ويو هو. جڏهن هندو انتهاپسندن، -ايوڌيا- ۾ سورهين صديءَ جي -بابري مسجد- کي غير قانوني طور شهيد ڪيو، -ان- کان پوءِ شروع ٿيندڙ گروهي فسادن جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميٽيءَ -بال ٺاڪري- بابت اها رپورٽ ڏني ته هن بمبئيءَ ۾ مسلمانن خلاف فساد شروع ڪرايو، جنهن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. -بال- ٺاڪري، -پاڪستان- جو عوام -ان- جي شخصيت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو آهي. هن ماضيءَ ۾ پاڪستاني فنڪارن توڙي رانديگرن کي ڌمڪيون به ڏنيون ته هو ڀارت جي سر زمين تي نه اچن. -بال ٺاڪري- انتهاپسنديءَ ۾ مشهور آهي. هن سان مشابهت رکندڙ ڪهاڻيءَ تي ڀارتي فلمساز رام گوپال ورما هڪ فلم ’سرڪار‘ ٺاهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار اميتاڀ بچن ادا ڪيو. فلم ۾ سندس نالو ٺاڪري بجاءِ ’ناگري‘ رکيو ويو. سندس پوٽي نيها ٺاڪري ڪجهه عرصو اڳ هڪ مسلمان ڇوڪري محمد نبي سان شادي ڪئي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بال ٺاڪري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بال ٺاڪري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن