داخلا ؛ 254
پڙهيو ويو ؛ 496
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-13


تصويرون




ٽائيم لائين

1246.11.24-Hijree
آخرڪار دشمنن 24 ذوالقعد 1246هه/ 6 مئي 1831ع ڌاري رات جي تاريڪيءَ ۾ حملو ڪري سيد احمد ۽ سندس جان نثارن کي نماز ۾ ئي شهيد ڪري ڇڏيو ، صبح جو لاشن جي ڳڻپ ٿي ، ته 500 شهيدن جا لاش ڏٺا ويا ، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُهي سنڌ جا باشندا هئا ۽ کين بالاڪوٽ ۾ دفن ڪيو ويو

1831.05.06-A.D
آخرڪار دشمنن 24 ذوالقعد 1246هه/ 6 مئي 1831ع ڌاري رات جي تاريڪيءَ ۾ حملو ڪري سيد احمد ۽ سندس جان نثارن کي نماز ۾ ئي شهيد ڪري ڇڏيو ، صبح جو لاشن جي ڳڻپ ٿي ، ته 500 شهيدن جا لاش ڏٺا ويا ، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُهي سنڌ جا باشندا هئا ۽ کين بالاڪوٽ ۾ دفن ڪيو ويو

-A.D





sindhianaسنڌيانا--بالاڪوٽ

ٽائيٽل ؛ بالاڪوٽ


شاخ : ڳوٺ

بالاڪوٽ: صوبي سرحد جي ضلعي مانسهره جو مشهور ڳوٺ، جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2900 فوٽ بُلند آهي. هندستان کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ حڪمت عملي اها به هئي ته هندستان جي اهڙن علائقن ۾ -جلاوطن- حڪومت قائم ڪجي، جتان جهاد لاءِ ڀرپاسي وارن مُلڪن مان مدد ملي سگهي. اِنهيءَ مقصد سان اُتر- الهندي وارن آزاد علائقن کي چونڊيو ويو.
سيد احمد بريلوي شهيد، سکن ۽ انگريزن جي وڌندڙ طاقت ۽ مسلمانن تي سندن ڏاڍ ۽ حڪومت خلاف جهاد جو جهنڊو بُلند ڪيو. شهيد احمد، جهاد لاءِ هندستان جو گشت ڪري مجاهد گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ڪن رياستن جهاد ۾ مجاهد موڪلڻ جو وعدو ڪيو، ته ڪن مالي مدد ڪئي. جڏهن شهيد احمد بريلوي، سنڌ جي وڏي مجاهد پير صبغت -الله- شاهه راشدي -اول- وٽ آيو، ته اُن نه رڳو سندس مالي مدد ڪئي، پر 500 مجاهد به سندس حوالي ڪيا. شهيد احمد جو قافلو دشمن جي جاسوسن کان لڪندو -بالاڪوٽ- ۾ وڃي رسيو. سيد احمد شهيد جي سڏ تي ڪابل، ڪاغان، گلگت، دير ۽ چترال وغيره جي پٺاڻن ۽ ٻين قومن جي ماڻهن جو بي ترتيب هُجوم اچي گڏ ٿيو، -جن- جهاد جي مقصد کان هٽي عام ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي، تنهنڪري عام مسلمانن هن تحريڪ کي اهميت نه ڏني ۽ جيڪي مُجاهد سٺي مقصد سان گڏ ٿيا هئا، سي علحدگي اختيار ڪري ڇڏي ويا. باقي مجاهد سيد احمد شهيد سان گڏ رهيا. آخرڪار دشمنن 24 ذوالقعد 1246هه/ 6 مئي 1831ع ڌاري رات جي تاريڪيءَ ۾ حملو ڪري سيد احمد ۽ سندس جان نثارن کي نماز ۾ ئي شهيد ڪري ڇڏيو، صبح جو لاشن جي ڳڻپ ٿي، ته 500 شهيدن جا لاش ڏٺا ويا، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُهي سنڌ جا باشندا هئا ۽ کين -بالاڪوٽ- ۾ دفن ڪيو ويو.
بالاڪوٽ جو اصل ڳوٺ پنج سؤ فوٽ مٿي دڙي تي -آباد- آهي. هڪ وڏي نهر اُتر- اولهه واري پهاڙيءَ مان نڪري ڳوٺ مان لنگهندي درياهه ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. هڪ ٻي نهر اولهه جي پهاڙن مان نڪري ڳوٺ جي اولهه طرف وهي، اها به درياءُ ۾ شامل ٿي وئي آهي. -بالاڪوٽ- پهرين به ڪاغان ماٿريءَ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي هڪ منڊي هو ۽ اڄ به ساڳي حيثيت رکي ٿو. -بالاڪوٽ- ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ۽ پڻ درياهه جي ٻنهي طرفن نوان گهر ۽ بازارون تعمير ٿي ويون آهن ۽ ڪاروبار به عروج تي آهي. ڊاڪ -بنگلو- به ڪافي وقت جو ٺهيل آهي، جنهن جاءِ تي سيد احمد شهيد جي قبر ٻُڌائي وڃي ٿي، هاڻي اُتي چار ديواري تعمير ڪئي وئي آهي. شاهه اسماعيل شهيد جي قبر ڳوٺ کان هڪ ميل جي مفاصلي تي، اتر- -اوڀر- طرف آهي. -بالاڪوٽ- جي -جنگ- ڳوٺ جي اولهه ۾ مٿي، ڪوٽ جي دڙي تي وڙهي وئي هئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بالاڪوٽ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بالاڪوٽ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن