بالشويزم

بالشويزم (Bolshevism ):بالشويزم جو اصطلاح سڀ کان اڳ 1903ع ۾ استعمال ٿيو، جڏهن لنڊن ۾ روسي ”سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ“ جو اجلاس ٿيو، ان اجلاس ۾ مارڪسي اشسترڪيت جي ٻن نظرياتي شاخن بالشويڪن ۽ مينشويڪن ۾ واضح فرق نظر آيو. روسيءَ ۾ ”بالشويزم“ جو مطلب ”اڪثريت وارا“ ۽ مينشويزم“ (Menshevism) جو مطلب ”ٿورائيءَ وارا“ آهي.
بولشويڪن (گهڻائيءَ وارن) جو اڳواڻ لينن هو. هنن جي ڪاميابيءَ بعد ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ”بالشويڪ پارٽي“ سڏيو ويو.
لينن ۽ سندس ساٿين جو مقصد ڪارل مارڪس جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ مزدورن کي متحد ڪري روسي بادشاهه زار (Tzar) جو انقلاب (Revolution) رستي تختو اونڌو ڪري، سچي معنيٰ ۾ ”پورهيتن جي حڪومت“ قائم ڪري، ملڪ ۾ ڪميونسٽ نظام لاڳو ڪرڻ هو. ٻئي طرف مينشويڪن (ٿورائيءَ وارن) جو اڳواڻ پلي خان نوف (1857-1918ع) هو، جيڪو اعتدال پسند هو ۽ ان جو خيال هو ته روس ۾ انقلاب آڻڻ کان اڳ ان ۾ ٻين يورپي ملڪن وانگر وچولي قسم جي جمهوريت آندي وڃي، هو انقلاب لاءِ رڳو پورهيتن کي نه پر سموري عوام کي ڪتب آڻڻ جو حامي هو. بهرحال 1903ع جي لنڊن اجلاس ۾ لينن جي حامين کي اڪثريت حاصل ٿي، ان ڪري کين بولشويڪ سڏيو ويو ۽ انهن ئي نومبر 1917ع ۾ روس ۾ ”پورهيت انقلاب“ آندو. 1918ع ۾ لينن ۽ سندس ساٿين بالشويڪ پارٽي جو نالو بدلائي ان کي ”ڪميونسٽ پارٽي“ سڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو