بانبڙي جو دڙو

بانبڙي جو دڙو: هي آثار تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ”رڪ“ ڳوٺ جي ويجهو آهن. ماڙيءَ شهر جي ڦٽڻ کانپوءِ ان جي ويجهوئي واڻين جي لڏي اچڻ ڪري هڪڙو نئون شهر ”بانبڙو“ آباد ٿيو. ”بانبڙو“ لڏي آيل واڻين جي چڱي مڙس جو نالو هو. انهيءَ وقت ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو ’بانبڙي‘ جي ڀرسان ئي هوندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن اهو شهر به درياءُ جي پائڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويٺو ۽ اڄ ’بانبڙي جو دڙو‘ سڏجي ٿو. ’بانبڙو‘ لفظ ممڪن آهي ”باڀڙو“ جو ڦريل اُچار هجي، جيئن پهاڪو آهي ته ”هڪ ڍؤ جهلي مينهن، ٻيو باڀڙو“. هالا شهر ۾ ”باڀڙا“ بازار آهي، جتي رهندڙ ”باڀڙا“ جين ڌرم جا واسطيدار آهن. اتي اڄ اهڙا آثار موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو