باندر

باندر

ايشيائي ڀولڙا

ايشيائي ڀولڙا

ڀولڙو

ڀولڙو

ڀولڙو

ڀولڙو

ڀولڙو هڪ فقيرياڻي سان گڏ

ڀولڙو هڪ فقيرياڻي سان گڏ

باندر

باندَرُ: وڏو ڀولڙو. ڀولڙن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان باندر ”تمام ذهين“ قسم جو هوندو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ باندر جو نسل ڪونه ٿئي، پر وڏي ڀولڙي کي عام طرح ”باندر“ چوندا آهن. اپکنڊ ۾ باندر يا وانر جا ٻه خاص قسم آهن، هڪ سونهري وارن وارو Rhesus ڀولڙو جيڪو هماليه جي ٻيلن جبلن ۾ عام آهي ۽ جيڪو اڪثر ڀولائي فقير بازارن ۾ نچائيندا آهن. ۽ ٻيو قسم لنگور سڏجي ٿو جنهن جو منهن ننڍڙو ۽ ڪارو ۽ پڇ ڊگهو هوندو آهي. هي باندر ڪافي مضبوط سنهڙو ۽ ڦڙت ٿئي ٿو. هندو لوڪ وانر (باندر) کي ’هنومان‘ سان نسبت ڏيندا آهن. هنومان کي رام جو ڀڳت هئڻ سبب ديوتائي حيثيت مليل آهي.


لفظ باندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو