بانسري/ بانسلي/ بئنسري جا مختلف قسم

بانسري/ بانسلي/ بئنسري جا مختلف قسم

ڪرشن مهراج بانسري/ بانسلي/ بئنسري وڄائيندي

ڪرشن مهراج بانسري/ بانسلي/ بئنسري وڄائيندي

هڪ خيالي تصوير

هڪ خيالي تصوير

هڪ سنڌي الغوزو وڄائيندي

هڪ سنڌي الغوزو وڄائيندي

جوڳي بين وڄائيندي نانگ سان گڏ

جوڳي بين وڄائيندي نانگ سان گڏ

بانسري/ بانسلي/ بئنسري

بانسري/ بانسلي/ بئنسري: بانسريءَ کي وينا، ۽ ونجلي به چون. هي بانس، پتل ۽ لوهه مان ٺاهي وڃي ٿي. بانس ۽ ڪنگوءَ مان ٺهيل بانسريءَ کي پنهنجو ميٺاج ٿئي ٿو. هي ساز هند توڙي سنڌ ۾ چڱو مقبول ساز آهي. ڦوڪ جو هي ساز ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل طرزن ڪڍڻ ۾ دل لڀائيندڙ آهي. سندس ڪوڪ دل ۾ چڀندڙ هجڻ ڪري لوڪ داستانن جو حصو آهي. پنجاب جو لوڪ داستان هير رانجهو سڄو بانسريءَ تي ٻڌل آهي. هندو کيس ڪرشن جي ايجاد چون ٿا. تصويرن ۾ به ڪرشن مهراج کي بانسري هٿ ۾ ڏيکاريل آهي. ان مان هن جي قدامت جو پتو پوي ٿو. اڄڪلهه طرزن ۾ مينڍ ڏيڻ مهل سندس اثر عجيب آهي. سنڌ ۾ کوڙ بانسري وڄائيندڙ موجود آهن. هن وقت غوث بخش بروهي، بانسري وڄائڻ جو شاهه ڪاريگر آهي.
بانس يا ڪنگور جي ڏهن کان ٻارنهن انچ ڪاٺيءَ کي اندران پورو ڪري هڪ نلي ٺاهبي آهي. مٿان انچ سوا تي ڦوڪ جو سوراخ هوندو آهي، ان کي ’مک رنڌا‘ چون. سڄي نليءَ کي ڏانڊي چون. وڄاءَ جا ڇهه سوراخ ڪڍندا آهن. انهن ڇهن سوراخن واري حصي کي ”سوار رسُور رنڌا“ چون. مٿيون کليل حصو ڪنهن ٻوچ يا ڪاٺ سان بند ڪبو آهي، ڦوڪ واري سوراخ جي جاءِ تي ”تري“ هڻي سولي ڦوڪ سان وڄائين. جيئن الغوزن ۾ هوندو آهي. ان کي بين به چون. وڄائڻ واري سوراخ مان ڦوڪ ڏئي سوار رنڌا جي مٿين ٽن ۽ هيٺين هڪ سوراخ کي کولبو ته ساکرج جو آواز بيهندو. ٻه سوراخ هيٺين مان يعني ٻيو ۽ ٽيون سوراخ بند ڪبو.
رنڌا سوار جي هيٺين هڪ سوراخ کي کولبو چوٿين جي اڌ ۽ پنجين ڇهين کي کليل رکبو ته ڪومل رکب. هيٺيان کان 3،2 چوٿون سوراخ بند ڪبو ته شڌ رکب. هيٺان کان 2،3،4 ۽ پنجن جو اڌ بند ڪبو ته ڪومل گنڌار، هيٺيان کن 2،3،4،5 ۽ ڇهين جو اڌ بند ڪبو ته شڌ مڌم ۽ اهڙي طرح تيور مڌم ڪڍڻ لاءِ هيٺان کان 2،3 چوٿون کليل 5 ۽ 6 بند رکبا. ڪي وڄائڻ وارا چون ٿا ته سڀ سر بند ڪبا ته کرج جو آواز نڪرندو. هيٺ ڇهين سوراخ جو اڌ کولبو رکب ڪومل ۽ سڄو سوراخ کولبو ته رکب تيور، پنجين سوراخ مان گنڌار ڪومل ۽ تيور، چوٿين سوراخ مان ٻئي مڌم، ٽئين سوراخ مان پنچم، ٻئي سوراخ مان ٻئي مڌم ۽ مٿئين 6 ڇهين سوراخ يا صفا پهرين سوراخ مان ٻئي نکاد ڪڍبا آهن. اها ترتيب عام بانسري وڄائڻ جي درست آهي. مگر ڊيگهه واري وڏي بانسري جنهن جو قطر مني انچ کان ڏيڍ انچ ٿئي ٿو ان مان سر نقشي ۾ ڏنل ترتيب سان نڪرندا. شروع ۾ هي ساز بانس، ني، نرسل (نڙ) مان ٺهيو هوندو ۽ اڄ به ٺهي ٿو. تنهنڪري نالو بانسري، ني ۽ نڙ اٿس. هن جا مختلف نالا مختلف علائقن جي ڪري آهن. پنجابيءَ ۾ بانس جي بانسري کي ”ونجهه با ونجلي“ به چون، ڇو ته ٻيڙي جو ونجهه به بانس مان ٺهندو آهي. ڪن فنڪارن بانسري جي ڊيگهه ۽ ساخت ڦيرائي ان کي ڪلارينٽ جي سامهون آڻي بيهاريو آهي. سنڌ ۾ نڙ، ڪافي، ۽ بينون انهيءَ ڪٽنب جا ساز آهن، پر اهي وڄت ۾ ٻيءَ طرح آهن. پنجاب ۾ سنهڙي ۽ افقي حالت ۾ وڄائي ويندڙ ڦوڪ واري ساز کي بانسري ۽ ويڪري ۽ عمودي يا اڀو جهلي وڄائڻ واري هن ساز کي پنجاب ۾ ’ونجهلي‘ ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ بانسري کي وينا چون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو