باهه يا آتش

باهه يا آتش

ماچيس جي تيليءَ سان باهه ٻارڻ

ماچيس جي تيليءَ سان باهه ٻارڻ

لائيٽر سان باهه ٻارڻ

لائيٽر سان باهه ٻارڻ

ايمرجنسيءَ ۾ باهه وسائڻ جا اوزار

ايمرجنسيءَ ۾ باهه وسائڻ جا اوزار

اوائلي انسان جي باهه ٻارڻ جا طريقا

اوائلي انسان جي باهه ٻارڻ جا طريقا

باهه

باهه: هي قديم عنصر آهي، جيڪو زمين تي ٻين ’آدي‘ (هميشه قائم رهندڙ) عنصرن سان گڏ وجود ۾ آيو. يونانين ۽ ان کان پوءِ مصرين جن چئن عنصرن کي بنيادي قرار ڏنو، تن ۾ باهه به شامل آهي. هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن. يوناني فلسفين کان پوءِ ايرانين باهه کي مقدس عنصر ڄاڻي، اُن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۾ باهه جي پوڄا لاءِ وڏا آتش ڪدا ٺاهيا ويا. زردشتي دستور مطابق اُها جاءِ جتي مقدس باهه رکي وڃي ٿي، عموماً اٺ - ڪنڊي ٺاهي ويندي هئي، جنهن جي وچ ۾ آتشدان هوندو هو. آهستي آهستي اهو دستور ٿي ويو ته مقدس باهه تي سج جي روشني نه پوي، تنهن ڪري عبادتگاهه اونداها رهڻ لڳا هئا. 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باهه هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي. هندو ڌرم ۾ ’اندر ديوتا‘، باهه جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو.


لفظ باههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0651.00.00  عيسوي

باهه: هي قديم عنصر آهي 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باهه هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي .


0031.00.00  هجري

باهه: هي قديم عنصر آهي 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باهه هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڃوڃڻ
رت جي راند
صحيفو
ٻانهين (عمارت سازي)
بگري
پنڊت1
خانقاهه ترابي
بوسو
جَٽائون
راه راست
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون