داخلا نمبر 4083
عنوان باهُو سلطان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1157 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو
باهو سلطان

باهو سلطان

باهُو سلطان

باهُو، سلطان رح: پنجابي ۽ سرائڪي شاعر، بزرگ ۽ عالم سلطان باهو 1038هه/1628ع ڌاري شور ڪوٽ (جهنگ) پنجاب ۾ پيدا ٿيو. سلطان باهو پنهنجي هڪ ڪتاب ”عين الفقر“ ۾ پنهنجي والده جو شڪريو بجا آندو آهي، جو ان سندس نالو ”باهو“ رکيو. هن پنهنجي نثري ڪتابن جي شروعات ۾ پنهنجو تعارف ”فقير باهو“ جي نالي سان ڪيو آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد بازيد هو جيڪو، حافظ قرآن، فقيهه ۽ عالم هو، سندس ابا ڏاڏا ”سون“ واديءَ جا ”اعواڻ“ هئا. جيڪي حجاز کان هرات جي رستي سون سڪيسر اچي آباد ٿيا. هن جو نسب هاشمي علوي هو ۽ شجره نسب حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام سان ملي ٿو.
سلطان العارفين سلطان باهو ڪنهن کان به ظاهري طور علم حاصل نه ڪيو پر قدرت جي طرفان کيس علم لدني عطا ٿيو، جنهن جي ڪري هي حافظ قرآن هجڻ سان گڏ حديث، فقهه، تصوف، فلسفي ۽ منطق جي علمن تي پڻ کيس عبور حاصل هو. علم لدني جي تصديق سندس ڪتاب ”نورالهديٰ“ مان ٿئي ٿي. سلطان باهو رح اڃان ننڍو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو، ابتدائي تعليم پنهنجي والده کان حاصل ڪيائون پر ڪڏهن به ڪنهن مدرسي يا مڪتب ۾ نه پڙهيو. هن پنهنجي زندگي هميشه نهايت سادگيءَ سان گذاري.دنياوي ڪاروبار کي وڌائڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪيائون. اباڻيون ٻه جاگيرون قلعي شورڪوٽ ۽ قلعي قهرگان ۾ هيون جيڪي هن صاحب علم غريبن ۾ ورهائي ڇڏيون. سندس پيغام جو مقصد نفس جي اصلاح آهي. سندس تصنيفن جو تعداد تحقيقي روايتن مطابق هڪ سئو چاليهه آهي پر هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب ميسر ٿي سگهيا آهن انهن جا نالا هي آهن: (1) ديوانِ باهو، (2) تيخ برهنه، (3) گنج اسرار، (4) ڪليد التوحيد، (5) محبت الاسرار، (6) مجالسته النبيصه، (7) اورنگ شاهي، (8) رساله وحي، (9) اميرالڪونين، (10) محڪ الفقراء خورد، (11) محڪ فقراءَ ڪلان، (12) ڪشف الاسرار، (13) حجت الاسرار، (14) فضل اللقاء، (15) توفيق الهدايت، (16) طرفته العين، (17) نور الهديٰ ڪلان، (18) ڪليد جنت، (19) جامع الاسرار، (20) محم الفقراء، (21) مفتاح العارفين، (22) اسرار قادري، (23) عين الفقراء، (24) عقل بيدار، (25) قرب بيدار، (26) نور الهديٰ، (27) شمس العارفين ۽ (28) ابيات باهو (سه حرفي يا ٽيهه اکري).
سلطان العارفين سلطان باهو پنهنجي نثري توڙي نظمي تصنيفن ۾ نفس جي اصلاح جو سبق پڙهائي ٿو ۽ اهو ڄاڻائي ٿو ته نفس جي اصلاح کان سواءِ انسان بيڪار آهي. خود شناسي ۽ خدا شناسي جي تلقين ڪري ٿو، دنيا ۽ عقبيٰ جون منزلون فقر ڪامل جي اڳيان هيچ آهن. سندن بيتن ۾ صوفياڻي خيالن جو فلسفو پڻ ملي ٿو. سندن قول مطابق عرفان، نفس ۽ پنهنجي ذات کي سڃاڻڻ جو درس آهي. سلطان باهو معرفت، طريقت ۽ ڪرامت جو وڏو صاحب هو. هن ماڻهن لاءِ پنهنجي فيض کي عام ڪري ڇڏيو. هي تمام وڏو شاعر هو. هي سڄي عمر پنهنجي شهر شورڪوٽ ۾ رهيو ۽ اتي ئي 1102 هه/1690ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو اڄ تائين هر خاص و عام لاءِ وڏي بابرڪت جاءِ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1628.00.00  عيسوي

سلطان باهو 1038هه/1628ع ڌاري شور ڪوٽ ( جهنگ ) پنجاب ۾ پيدا ٿيو


1690.00.00  عيسوي

سلطان باهو 1102 هه/1690ع ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون