باگڙجي

باگڙجي: سکر ۽ بدين تعلقن ۾ هڪ ديهه جو نالو. شڪارپور ضلعي جي تعلقي لکيءَ جي هڪ ديهه. جنهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ موجود آهن: ’باگڙجي‘، ’گهمرا‘، ’ڪلهڙي‘، ’ريلوي اسٽيشن باگڙجي‘، ’مزار گنج علي‘، ’صبا‘ ۽ ’پيارو خروس‘. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول آهن. هتي ڇوڪرين لاءِ مڊل اسڪول ۽ ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول به آهي. هتي اسپتال موجود آهي. سنڌ جو مشهور تعليمدان آغا تاج محمد اصل هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديهه جو نالو به باگڙجي آهي.


لفظ باگڙجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو