ببر شينهن

ببر شينهن

ببر شينهن

بَبَر شينهُن: مشهور جانور، جيڪو ”جهنگ جو بادشاهه“ سڏيو وڃي ٿو. شينهن جو هڪ قسم، جنهن کي ڪيهر شينهن يا ٻيلائي شينهن به چوندا آهن. آفريڪا ۽ ايشيا جو جهنگلي جانور، جيڪو نسل ۾ ٻليءَ جي خاندان مان آهي ۽ جنهن جي کل گهڻو ڪري نارنگي يا ميٽوڙي رنگ جي ٿئي ٿي. هن جانور جي ڊيگهه اٺن کان ڏهن فوٽن تائين ٿئي. هيءُ جانور گهڻو ڪري رات جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ جانور آفريڪا ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ لڀندو آهي. هيءُ زرد ۽ ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جي کل تي وار ننڍا ننڍا ٿيندا آهن. نر ببر شينهن جي ڳچيءَ تي ڪاري ڪڻڪ رنگي ٻُر ٿيندي آهي. ببر شينهن، اڪثر وڏن گاهه خور جانورن جو شڪار ڪندو آهي، تن ۾ سندس پسنديده جانور هرڻ، پٽا پٽي گڏهه ۽ ٻيا جانور آهن. خاص ڪري پوڙهو ۽ ڪمزور شينهن ماڻهوءَ تي به حملو ڪندو آهي. شينهن جوڙو ٺاهي رهندو آهي ۽ پنهنجي عيال لاءِ شڪار ڪرڻ جون حدون مقرر رکندو آهي. وڏي شڪار وقت منظم گروهه ۾ حملو ڪندو آهي.


لفظ ببر شينهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو