داخلا نمبر 351
عنوان بجاراڻي هزار خان
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 832 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
مير هزار خان بجاراڻي

مير هزار خان بجاراڻي

بجاراڻي هزار خان

بجاراڻي هزار خان: مير هزار خان بجاراڻي سنڌ جو هڪ اهم سياستدان آهي. هن 23- آڪٽوبر 1946ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. عملي سياست ۾ سڀ کان پهرين هو. 1970ع وارين چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊجي آيو ۽ تن ڏينهن ۾ صوبائي وزير پڻ رهيو. ان کان پوءِ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سندس وابستگي پ پ پ سان رهي. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ کيس پارٽيءَ جو صوبائي صدر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي بعد هن پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ساٿي بڻيو. وري 1988ع ۾ کيس سينيٽر چونڊيو ويو. هن 1988ع ۾ وزير صحت، ماحوليات، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ 1990ع ۾ وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. بجاراڻي صاحب 1993ع ۾ دفاع کاتي جو وزير رهيو. 2008ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هو پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن بعد کيس وفاقي وزير تعليم مقرر ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.23  عيسوي

بجاراڻي هزار خان: مير هزار خان بجاراڻي سنڌ جو هڪ اهم سياستدان آهي . هن 23- آڪٽوبر 1946ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو . عملي سياست ۾ سڀ کان پهرين هو . 1970ع وارين چونڊن ۾ ايم . پي . اي چونڊجي آيو ۽ تن ڏينهن ۾ صوبائي وزير پڻ رهيو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون