بجلي گھر

بجلي گھر

بجلي گهر

بجلي گهر: بجليءَ جي وڌندڙ کپت کي نظر ۾ رکندي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته بجليءَ کي وڏي پئماني تي محفوظ ڪري اُن کي ضروت آهر استعمال ڪجي، اُن مقصد جي پورائي لاءِ جنوري، 1882ع ڌاري لنڊن ۾ دنيا جو پهريون بجلي گهر قائم ڪيو ويو. ساڳئي ئي سال نيويارڪ شهر ۾ به بجلي گهر قائم ٿيو. ٻنهي بجلي گهرن ڊائريڪٽ ڪرنٽ سسٽم (D.C) تحت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، اُن کان پوءِ، 1890ع جي شروعات ڌاري ”لافن پاور اسٽيشن جرمني، Lauffen Power Station Germany پاران A.C ”الٽرنيٽنگ ڪرنٽ سسٽم“ جنريٽر ٺاهيو ويو.
سنڌ ۾ 1922ع ڌاري سکر ۾ بجلي گهر قائم ڪيو ويو، جيڪو 1962ع تائين سکر شهر ۽ قدري آسپاس جي علائقن جون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو. پر پاڪستان جي قيام کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجليءَ جو کاپو وڌڻ لڳو، تنهن ڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿيون. هن رٿا موجب اتر سنڌ جي مکيه شهرن سان گڏ سوين ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ بجلي مهيا ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل جو تعميراتي ڪم، 1969ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1980ع تائين هن بجلي گهر 439 ميگا واٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڄڪلهه هتان 1655 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ موجود بجلي گهر: (1) ڄامشورو پاور جنريشن ڪمپني (GENCO-I). هي بجلي گهر حيدرآباد کان 18 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي دادو روڊ تي، سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، جنهن ۾ 4 يونٽ آهن. هن بجلي گهر مان 850 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪئي وڃي ٿي.
(2) سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني (GENCO-II) گڊو، جيڪو ضلعي جيڪب آباد ۾ گڊو بئراج وٽ واقع آهي. جنهن مان 1655 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪئي وڃي ٿي.
(3) لاکڙا پاور اسٽيشن (GENCO-IV)، کاڻوٺ، ضلعي دادو ۾ واقع هن بجلي گهر ۾ 50 ميگا واٽ جا 3 يونٽ 150 ميگا واٽ تائين بجلي پئدا ڪري سگهن ٿا.


لفظ بجلي گهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1882.00.00  عيسوي

بجلي گهر: بجليءَ جي وڌندڙ کپت کي نظر ۾ رکندي . ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته بجليءَ کي وڏي پئماني تي محفوظ ڪري اُن کي ضروت آهر استعمال ڪجي ، اُن مقصد جي پورائي لاءِ جنوري ، 1882ع ڌاري لنڊن ۾ دنيا جو پهريون بجلي گهر قائم ڪيو ويو . ساڳئي ئي سال نيويارڪ شهر ۾ به بجلي گهر قائم ٿيو .


1882.00.00  عيسوي

بجلي گهر: بجليءَ جي وڌندڙ کپت کي نظر ۾ رکندي . ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته بجليءَ کي وڏي پئماني تي محفوظ ڪري اُن کي ضروت آهر استعمال ڪجي ، اُن مقصد جي پورائي لاءِ جنوري ، 1882ع ڌاري لنڊن ۾ دنيا جو پهريون بجلي گهر قائم ڪيو ويو . ساڳئي ئي سال نيويارڪ شهر ۾ به بجلي گهر قائم ٿيو .


1890.00.00  عيسوي

1890ع جي شروعات ڌاري ” لافن پاور اسٽيشن جرمني ، Lauffen Power Station Germany پاران A . C ” الٽرنيٽنگ ڪرنٽ سسٽم “ جنريٽر ٺاهيو ويو .


1922.00.00  عيسوي

سنڌ ۾ 1922ع ڌاري سکر ۾ بجلي گهر قائم ڪيو ويو ، جيڪو 1962ع تائين سکر شهر ۽ قدري آسپاس جي علائقن جون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو .


1669.00.00  عيسوي

پاڪستان جي سڀ کان وڏي بجلي گهر گڊو ٿرمل جو تعميراتي ڪم ، 1969ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1980ع تائين هن بجلي گهر 439 ميگا واٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڄڪلهه هتان 1655 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪئي وڃي ٿي .



سائنس ۽ ٽيڪنالاجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اولڙو
انفرميشن ٽيڪنالاجي
ريڊيائي لهرون
ٽيلي مواصلات
ٽيلي ميٽري
ائٽمي طاقت
پدارٿ
ٽيليفون
انٽرنيٽ
پينٽيئم
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون