داخلا ؛ 401
پڙهيو ويو ؛ 2199
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-28


تصويرون


bahree-jahaz.jpg
بحري جهاز جو آڳاٽو نمونو
بحري جهاز جو آڳاٽو نمونو

bahreee jahaz2.jpg
بحري جهاز ان جا حصا
بحري جهاز ان جا حصا

bahree jahaz musafir jahaz wikipedia.JPG
مسافر بحري جهاز
مسافر بحري جهاز

bahree jahaz4 malbardar jahaz wikipedia.jpg
مال بردار بحري جهاز
مال بردار بحري جهاز

bahree jahaz pakistan navy jahaz, paksoldiers.com.jpg
بحري جهاز، پاڪستان نيوي جو جنگي جهاز
بحري جهاز، پاڪستان نيوي جو جنگي جهاز



ٽائيم لائين

6300.00.00-B.C
. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي . تاريخ مان پتو پوي ٿو ته 6300 ق . م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي ، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا . 400 ق . م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو .

0400.00.00-B.C
. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي . تاريخ مان پتو پوي ٿو ته 6300 ق . م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي ، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا . 400 ق . م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو .

1200.00.00-B.C
1200 ق . م ۾ يونانين ۽ فنيڪين ، ميڊيٽيرين سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو

0100.00.00-A.D
جڏهن ته 100 ق . م ۾ رومين هڪ وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو هو . جنهن جي ڊيگهه 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي

1736.00.00-A.D
1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان کان پوءِ ته فرانس ۽ برطانيه ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون . رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوزي جهاز تيار ڪيا . هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جهاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن .




sindhianaسنڌيانا--بحري جهاز

ٽائيٽل ؛ بحري جهاز


شاخ : جهاز

بحري جهاز: سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن کي -بحري جهاز- چيو ويندو آهي. انساني ارتقا دوران جڏهن -انسان- وڌيڪ سمجهدار ٿيو ۽ ڪاٺيءَ کي پاڻيءَ ۾ ترندي ڏٺائين، ته پوءِ هو ڪاٺين ذريعي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ترڻ لڳو. -انسان- جيئن جيئن -ترقي- ڪندو ويو، تيئن هن ڪاٺين کي گڏي کُڏ جيان ٻيڙيءَ جو بنياد وڌو ۽ -ان- تي ويهي سفر ڪرڻ لڳو ۽ -ان- ذريعي سامان کڻڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح -انسان- -ترقي- ڪري -ٻيڙي- ٺاهي. -تاريخ- مان -پتو- پوي ٿو ته 6300 ق.م ۾ پهرين -ٻيڙي- ٺاهي ويئي، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا. 400 ق. م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو. -ان- سان اهو فائدو ٿيو، جو -ٻيڙي- درياءُ جي اوڀاري طرف به هلڻ لڳي. -ان- کان پوءِ جنگين ۾ به -ان- جي اهميت وڌي وئي. واپار جي لحاظ سان پڻ ڪارائتي ثابت ٿي. 1200 ق. م ۾ يونانين ۽ فنيڪين، ميڊيٽيرين سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو. جڏهن ته 100 ق. م ۾ رومين هڪ وڏو بحري -ٻيڙو- ٺاهيو هو. جنهن جي ڊيگهه 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي. سنڌو -تهذيب- جي آثارن مان پڻ -پتو- پوي ٿو ته تڏهوڪي دور ۾ به سنڌي ماڻهن جو ٻيڙن ذريعي پرانهن ملڪن سان واپاري رستو هو. 1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ -ان- کان پوءِ ته فرانس ۽ برطانيه ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون. رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوزي جهاز تيار ڪيا. هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جهاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن. -ان- کان سواءِ فوجي سگهه لاءِ به -بحري جهاز- ڪتب اچن ٿا، جنهن جو مثال پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بحري جهاز- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بحري جهاز - مان نڪتل ٻيون شاخون-


جهاز - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بحري جهاز
آگبوٽ
ٽائٽانڪ


.....جهاز موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن