داخلا ؛ 411
پڙهيو ويو ؛ 2297
پسند ڪيو ويو ؛ 19
تاريخ ؛ 2011-12-29


تصويرون


jamal din bukhari.JPG
http://rizwangul.webs.com، جمال الدين بخاري
http://rizwangul.webs.com، جمال الدين بخاري



ٽائيم لائين

1900.03.14-A.D
بخاري ، جمال الدين: مشهور ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو اصل نالو سيد جمال الدين ولد سيد زين العابدين بخاري هو . هن 14 مارچ 1900ع ۾ هندستان جي شهر احمد آباد ۾ جنم ورتو . سندس وڏن جو تعلق اُچ جي بخاري ساداتن سان هو . جتان پوءِ سندس وڏا لڏي اچي احمدآباد جي ” سنڌي واڙي “ ۾ رهائش پذير ٿيا

1919.00.00-A.D
هن 1919ع ڌاري روس ۾ ڪامريڊ لينن سان پڻ ملاقات ڪئي . ان وقت ساڻس گڏ مولانا عبيدالله سنڌي به هو . ڪامريڊ جمال جي والد 1922ع ۾ وفات ڪئي .

1984.12.17-A.D
هن اعليٰ پائي جي سياسي ، سماجي شخصيت 17 ڊسمبر 1984ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي .

1940.00.00-A.D
1940ع ڌاري سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت ڪيائين ، ڪامريڊ عبدالقادر صدر ۽ جمال الدين بخاري سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو

1946.00.00-A.D
1946ع ۾ رائل انڊين نيوِي جي بغاوت جي حمايت ۾ ڪميونسٽ پارٽي طرفان عيدگاهه ميدان ڪراچيءَ ۾ وڏو اجتماع ڪرايائين ، جنهن تان ناراض ٿي سرڪار ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي . 1946ع کان 1949ع تائين پاڪستان ڪيمونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو




sindhianaسنڌيانا--بخاري جمال الدين

ٽائيٽل ؛ بخاري جمال الدين


شاخ : شخصيت

بخاري، جمال الدين: مشهور ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو اصل نالو سيد جمال الدين ولد سيد زين العابدين -بخاري- هو. هن 14 مارچ 1900ع ۾ هندستان جي شهر -احمد آباد- ۾ -جنم- ورتو. سندس وڏن جو تعلق اُچ جي -بخاري- ساداتن سان هو. جتان پوءِ سندس وڏا لڏي اچي احمدآباد جي ”سنڌي واڙي“ ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس والد احمدآباد جي هڪ اسڪول جو پرنسپال هو. هن پنهنجي فرزند کي مدرسي جي شروعاتي -تعليم- بعد جرمنيءَ اعليٰ -تعليم- لاءِ موڪليو. هن 1914ع ۾ جونيئر ۽ سينيئر ڪئمبرج پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ -تعليم- لنڊن ۽ علي ڳڙهه ۾ حاصل ڪئي. 1920ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُن بعد هو ڪميونسٽ -پارٽي- آف -انڊيا- ۾ شامل ٿي چڪو هو ۽ -ان- جو ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو ڪميونسٽ -پارٽي- -انڊيا- جي سيڪريٽري پڻ رهيو. هن اڃا اعليٰ -تعليم- ۾ مس قدم رکيو ته خلافت تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو هو. جمال الدين -بخاري- جي والد 1919ع ۾ لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ -ان- بعد پاڻ پنهنجي پٽ جمال الدين کي مولانا محمد علي جوهر جي والده ”بِي امان“ سان گڏ لاڙڪاڻي جي ٻين اجلاسن ۾ موڪليندو هيو. هن 1919ع ڌاري روس ۾ ڪامريڊ لينن سان پڻ ملاقات ڪئي. -ان- وقت ساڻس گڏ مولانا عبيدالله سنڌي به هو. ڪامريڊ جمال جي والد 1922ع ۾ وفات ڪئي. جمال الدين -بخاري- سياست ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا حسرت موهاني جو اثر قبول ڪيو. هن 1920ع کان ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. خلافت تحريڪ ۾ شموليت دوران 1922ع کان 1948ع تائين ڪُل 18 سال جيل به ڪاٽيائين. 1923ع ۾ -الوحيد- ۾ ڪم ڪرڻ سان هن صحافت ۾ پير پاتو. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف اخبارون ڪڍندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران هفتيوار چنگاري (سنڌي)، صداقت (سنڌي) روزانه -آزادي- (اردو)، اخبارون -جاري- ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ اچي رهڻ کانپوءِ هفتيوار نيو ايرا (انگريزي) ۽ انصاف (سنڌي) اخبارون ڪڍيائين. 1940ع ڌاري سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت ڪيائين، ڪامريڊ عبدالقادر صدر ۽ جمال الدين -بخاري- سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1943ع ۾ شادي ڪيائين. ٻئي زال مڙس انقلابي هئا. 1946ع ۾ رائل انڊين نيوِي جي -بغاوت- جي حمايت ۾ ڪميونسٽ -پارٽي- طرفان عيدگاهه ميدان ڪراچيءَ ۾ وڏو اجتماع ڪرايائين، جنهن -تان- ناراض ٿي سرڪار ڪميونسٽ -پارٽي- تي بندش وڌي. 1946ع کان 1949ع تائين -پاڪستان- ڪيمونسٽ -پارٽي- جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1949ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هو سرگرم صحافي، سياستدان ۽ سماجي ورڪر هو ۽ کيس سنڌ ۽ سنڌي -ٻولي- سان پيار هو. ڪامريڊ جمال الدين، سائين جي. ايم. سيد ۽ حيدربخش -جتوئي- سان گڏ پڻ ڪم ڪيو. چين جو وزيراعظم چِواين لائي، مصر جو صدر جمال ناصر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ سندس صلاحيتن جا قائل هئا. -ان- ڀارت، روس، چين، جرمني، انگلينڊ، ايران، عراق، سعودي عرب، ازبڪستان، آذربائيجان، افغانستان، برما، ٿائيلينڊ، سريلنڪا، فرانس، چيڪو سلواڪيا، هالئنڊ، بيلجيم، -بيت- المقدس، ترڪي، شام، بلغاريه، رومانيه، آئرلينڊ، سائوٿ آفريڪا، مصر وغيره جا دورا ڪيا. جوانيءَ ۾ حج به ڪيائين. جواهر لال نهرو به هن جي صلاحيتن جو قائل هو، جنهن کيس 1961ع ۾ هندستان جي مرڪزي وزير ٿيڻ جي آڇ ڪئي، پر هن سنڌ ۽ سنڌين سان عشق سبب سنڌ نه ڇڏڻ سبب معذرت ڪئي. هن 1948ع ڌاري -اسٽالن- سان ڪميونسٽ پاليسيءَ تي کليل اختلاف ڪيا، جنهنڪري -پاڪستان- ڪميونسٽ -پارٽي- جي جنرل سيڪريٽريءَ جي جاءِ تي سندس بدران سجاد ظهير کي آندو ويو. هن اعليٰ -پائي- جي سياسي، سماجي شخصيت 17 ڊسمبر 1984ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بخاري جمال الدين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بخاري جمال الدين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن