داخلا جي تاريخ 2011-12-29
داخلا نمبر 416
عنوان بختاور ڀٽو زرداري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 2469 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي تصوير سان

بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي تصوير سان

بختاور ۽ آصفه زيبسٽ ۾ ڪنهن تقريب ۾

بختاور ۽ آصفه زيبسٽ ۾ ڪنهن تقريب ۾

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجن ٻارن بلاول، آصفه، ۽ بختاور سان گڏ

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجن ٻارن بلاول، آصفه، ۽ بختاور سان گڏ

بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري: پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور جو جنم 1990ع ۾ ٿيو، هوءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کان ننڍي ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ کان عمر ۾ وڏي آهي. هن وقت اسڪاٽ لينڊ جي مشهور يونيورسٽي ’ايڊنبرگ‘ ۾ زير تعليم آهي. هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عورتن واري ونگ جي اڳواڻ پڻ آهي، ان حوالي سان هن جي والد آصف علي زرداريءَ، پاڪستان جي صدر چونڊجڻ بعد سندس وڌيڪ همت افزائي ڪئي. بختاور پنهنجي والده جي شهادت وقت پاڪستان آئي هئي. ان کان پوءِ هن جو پنهنجي وطن ڏانهن اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. تازو هن شهيد ماءُ جي ڏک ۾ پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ کي جديد موسيقيءَ ۾ پاڻ ڳائي، کيس خراج پيش ڪيو آهي، ان گيت کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، جنهن جو عنوان آهي ”I would take the pain away...’...“ هيءُ گيت 6 جنوري 2009ع تي رليز ٿيو. بختاور ڀٽو في الحال زير تعليم آهي ۽ هڪ ذهين شاگردياڻي آهي. سندس والد آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر، ۽ سندس وڏو ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1990.01.24  عيسوي

بختاور ڀٽو زرداري: پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور جو جنم 1990ع ۾ ٿيو ، هوءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کان ننڍي ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ کان عمر ۾ وڏي آهي


2009.01.06  عيسوي

تازو هن شهيد ماءُ جي ڏک ۾ پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ کي جديد موسيقيءَ ۾ پاڻ ڳائي ، کيس خراج پيش ڪيو آهي ، ان گيت کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ، جنهن جو عنوان آهي ” I would take the pain away . . . ’ . . . “ هيءُ گيت 6 جنوري 2009ع تي رليز ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون