بخشل باغي

بخشل باغي

بخشل باغي

بخشل باغي: مشهور شاعر بخشل باغي جو اصل نالو الله بخش ولد محمد پريل خشڪ آهي، پر ادبي دنيا ۾ ”بخشل باغيءَ“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 19 اپريل 1975ع تي، دولت ڪالوني نوابشاهه ۾ ٿيو. تعليم بي. اي اٿس. شاعريءَ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’سمنڊ جي هن پار‘ (1999ع)، (2) ’سپنو سنڌو ديس جو‘ (2001ع)، (3) ’مٽيءَ جي خوشبوءِ‘ (2003ع)، (4) ’آرسيءَ جا خواب‘ (2004ع)، (5) ’ڊسمبر جي اڪيلائي‘ (2006ع)، (6) ’درد جي ساڳي ڪٿا‘ (2010ع)، (7) ’سنڌو ديس مھان‘ (2011ع)، ’ناياب هين هم‘ (اردو شاعري: 2016ع)، (9) ’ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ‘ (اڀياس: 2020ع)، (10) ’تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان‘ (مضمون: 2021ع)، (11) ’خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ‘ (شاعري: 2021ع)، (12) ’سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ‘ (شاعري: 2021ع)، (13) ’لفظن جا ريشمي لھجا‘ (سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، ترتيب: 2022ع). ان کان سواءِ هن شيخ اياز جا سمورا غزل ترتيب ڏئي، ”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع) عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي. ان کان سواءِ نوابشاهه جي شاعرن جي تعارف ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”سپنا ساڳيءَ مند جا“ (وسيم سومري سان گڏ:2003ع) ۽ ’هيرا ته ڏسو‘ (دنيا جي شخصيتن تي لکيل شيخ اياز جا نوٽس: 2009ع) به ڇپيل اٿس. پاڻ هن وقت تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ بخشل باغيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.04.19  عيسوي

بخشل باغي جو جنم 19 اپريل 1975ع تي، دولت ڪالوني نوابشاهه ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مراد علي شاهه
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
شفيع محمد ڪرناڻي
رئيس ولي محمد خان
شيخ محمد ابراهيم
احفاظ الرحمان
سچيتا ڪرپلاڻي
امداد حسين
پرڀداس برهمچاري
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون