بدو (نسل)

بَدُو: عرب جا سامي نسل اُٺ پاليندڙ خانه بدوش ماڻهو ’بَدُو‘ سڏبا آهن. سندن مذهب اسلام آهي. پنهنجي مڪاني روايتن ۽ رسمن جي ڏاڍي پابندي ڪندا آهن. مهمان نواز ۽ انصاف پسند آهن. ننڍن ننڍن قبيلن ۾ منظم آهن. 20 صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو حج ڪرڻ لاءِ پيادا ويندا هئا ته عربستان جي حدن ۾ ”بدو“ لوڪ سندن سامان سڙو ڦري وٺندا هئا، پر جيئن ته اهي ”بدو“ ڀلي پار جا يعني سڳوري سر زمين جا هئا، تنهنڪري سنڌي ماڻهو انهن لٽيرن کي به ادب ۽ حب وچان ”بَدو سڳورا“ چوندا هئا. بَدُو، جهالت واري دؤر ۾ عرب جو سڀ کان بد تهذيب قبيلو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هيءُ قبيلو پنهنجون ڪيتريون ئي روايتي رسمون جاري رکندو اچي. بَدو گهڻو ڪري وارياسن علائقن ۾ رهندا آهن ۽ سندن رهائش خيمن ۾ هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو