بدين (ڪتاب)

بدين (ڪتاب ): ’بدين‘ نالي سان هڪ ڪتاب، بدين ثقافتي ميلي (1976ع) پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مرتب محمد سومار شيخ آهي. هي ثقافتي ميلو 1976ع ۾ بدين ضلعي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محترم منظور حسين ڀُٽي جي دلچسپيءَ سان لڳو هو. ميلي جي ادبي ڪاميٽيءَ جو صدر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سيڪريٽري محمد سومار شيخ هو. ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي مرحوم محمد سومار شيخ هيٺينءَ ترتيب سان گڏ ڪيو آهي: (1) بدين ضلعي جو تاريخي مطالعو، (2) بدين ضلعي جو مذهبي مطالعو، (3) بدين ضلعي جون شخصيتون، (4) بدين ضلعي جو ادب، (5) بدين ضلعي جا فنڪار ۽ رانديگر، (6) آب پاشي نظام، (7) بدين ضلعي جا هنر. هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 192 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 15 رپيا آهي، جيڪو مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد پاران 1979ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.00.00  عيسوي

بدين ( ڪتاب ) : ’ بدين ‘ نالي سان هڪ ڪتاب ، بدين ثقافتي ميلي ( 1976ع ) پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي


1979.00.00  عيسوي

بدين ( ڪتاب ) مهراڻ آرٽس ڪائونسل ، حيدرآباد پاران 1979ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسان جو جسم
انيس جا افسانا
ديوان جعفري
جوڀن جهوٽو واءَ جو
تعليم جا اصول
جنين ڏاند نه ٻج
اڏامندڙ ڀوت
رهاڻ هيرن کاڻ 7
شاهه جون سورميون
تاريخ جو سفر
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون