داخلا ؛ 4220
پڙهيو ويو ؛ 196
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-06


تصويرون


Burjet-Alchan.gif
برجيٽ آلچن
برجيٽ آلچن



ٽائيم لائين

1927.00.00-A.D
برجيٽ آلچن جو جنم 1927ع ڌاري آڪسفورڊ ۾ ٿيو.




sindhianaسنڌيانا--برجيٽ آلچن

ٽائيٽل ؛ برجيٽ آلچن


شاخ : شخصيت

برجيٽ آلچن: ڏکڻ -ايشيا- جي قديم آثارن جي نامياري ماهر، علم بشريات جي ڄاڻو ۽ قديم آثارن جي مشهور محقق فرينڪ ريمنڊ آلچن جي گھر واري -برجيٽ آلچن- جو -جنم- 1927ع ڌاري آڪسفورڊ ۾ ٿيو. هن ابتدائي -تعليم- لنڊن مان حاصل ڪئي، ٻي مهاڀاري -جنگ- جي اختتام جي سال بعد پنهنجي خاندان سان گڏ ڏکڻ آفريقه جي علائقي ڪيپ -ٽائون- ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين ۽ پنهنجي -تعليم- جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيائين. کيس، ننڍپڻ کان ئي آثارِ قديمه جي موضوع سان دلچسپي هئي، جنهن تحت هن لنڊن يونيورسٽي مان علم بشريات جي شعبي ۾ پهريان ايم. اي ۽ پوءِ پي. ايڇ. ڊي جي سند ۽ -ان- سان گڏ ايف. -ايس-. اي جي ڊگري حاصل ڪئي.
هن پنهنجي عملي ڪم جو آغاز هندستان جي اوائلي -تاريخ- ۽ نسل نگاري جي مختلف پهلوئن تي -تحقيق- سان ڪيو. 1968ع ۾ برطانوي آثارِ قديمه پاران -پاڪستان- جي قديم آثارن تي کوجنا جي هڪ رٿا تحت تحقيقي ڪم جي سربراهه مقرر ٿي، جڏهن ته ساڳئي رٿا ۾ سندس گھر وارو ريمند آلچن به گڏيل سربراهه طور شامل رهيو. هن -پاڪستان- ۽ هندستان ۾ آثارِ قديمه جي ادارن ۽ شاخن کي قائم ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي. -ان- کان علاوه، پاڻ ڪيمبرج ۾ قائم وولفسن ڪاليج جي سهڪاري، قديم هندستان ۽ -ايران- جي قائم ڪيل ٽرسٽ جي سيڪريٽري، (Aouth Asian Studies) رسالي جي -ايڊيٽر- ۽ ڏکڻ -ايشيا- تي -تحقيق- ڪندڙ آثارِ قديمه جي ماهرن تي مشتمل يورپين ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي رهي. هن هندستان ۾ رهي برودا يونيورسٽي جي هڪ رٿا موجب ماضي ۽ جديد دؤر ۾ آيل ماحولياتي تبديلين جو -جائزو- ورتو. -ان- -تحقيق- دوران سندس ٻين ساٿين ۾ -آڪسفورڊ يونيورسٽي- سان تعلق رکندڙ -ٿر- جي ارضي بناوٽ (Desert Geomorphology) جو اڀياس ڪندڙ ماهر اينڊريو گوڊي ۽ معدنيات جو سائنسي ماهر پڻ شامل هئا. ڊاڪٽر برجيت آثارِ قديمه جي حوالي سان -جن- ملڪن تي -تحقيق- ڪئي، انهن ۾ -پاڪستان- ۽ سريلنڪا سرفهرست آهن. جڏهن ته وچ -ايشيا- ۽ -افغانستان- جا به ڪجهه علائقا سندس -تحقيق- ۾ شامل رهيا. هن پنهنجي -تحقيق- ۾ پاهڻي دؤر، -پٿر- جي وچئين دؤر
(Mesolithic Period) ۽ -پٿر- جي قديم دؤر (Paleolithic Period) جي آثارن تي وسيع پيماني تي کوجنا ڪندي مڪمل ڪوائف سامهون آندا.پاڻ مختلف وقتن ۾ پنهنجي گھر واري ريمنڊ آلچن جي هندستان جي قديم آثارن تي -تحقيق- دوران ڀرپور حصو وٺندي رهي. سندن گڏيل تحقيقي ڪم The Birth of Indian Civilization ۽ The Rise of Civilization in India & Pakistan جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. برجيت آلچن جي خيال مطابق ننڍي کنڊ ۾ موجود آثارِ قديمه جا ماڳ قديم آثاريات جي اڀياس لاءِ موزون جڳهه آهن. -ان- کان علاوه قديم آثارن ۽ موروثي سلسلي جي نوادرات جي قومي سطح تي سار سنڀال ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ ۾ سندس ڪردار اهميت جوڳو رهيو آهي. ريمنڊ آلچن سان گڏيل طور ڇپيل ڪتابن کان علاوه هن پنهنجي -تحقيق- جي آڌار تي به ڪي ڪتاب به لکيا، جيڪي هن ريت آهن:
The Stone Tripped Arrow.
The Prehsitoric and Palaeogeography of The Great Indian Desert.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -برجيٽ آلچن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

برجيٽ آلچن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن