برف

برف

برف

بَرفَ: ٿڌ ۾ ڄميل پاڻي. پاڻيءَ جي اها صورت، جيڪا سخت ٿي وڃي. هيءَ بي رنگ ۽ شفاف ٿيندي آهي. هيءَ ٻڙي سينٽي گريڊ تي ڄمي وڃي ٿي. ’يخ‘ حالت ۾ هن ۾ ڇهن پهلوئن وارا قلم ٺهندا آهن. برفباريءَ ۾ برف هلڪي ٿي غبار جي صورت ۾ بدلجي ويندي آهي. سنڌ ۾ برف جو استعمال انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٿيو آهي. 1867ع ۾ هندستان ۾ برف ٺاهڻ جو پهريون ڪارخانو ٺهيو. برف جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ اها عام ٺوس برف (ice) هوندي آهي ۽ ٻي اها جيڪا آسمان مان ڪپهه وانگر پشمي گولن جي صورت ۾ وسندي آهي. ان کي هِم (Snow) چوندا آهن. لفظ هِم سبب ئي هماليه جبل تي اهو نالو پيو آهي. يعني اهو ماڳ جتي هِم وسي ٿي. آسمان مان ڳوڙهن جي صورت ۾ ڪرندڙ برف کي ڳڙو (Hail) چئبو آهي. اهو زمانو، جڏهن دنيا برف سان ڍڪيل هئي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به انساني آباديءَ جا آثار نه هئا. جاگرافيائي اصطلاح ۾ اهو دور ”برفاني دور“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي .


لفظ برفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو