داخلا ؛ 1618
پڙهيو ويو ؛ 760
پسند ڪيو ويو ؛ 4
تاريخ ؛ 2012-02-24


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--برفت

ٽائيٽل ؛ برفت


شاخ : سماج

بُرفَت: ’برفت‘ هڪ وڏو قبيلو آهي، جنهن تي اهو نالو سندن ڏاڏي ’برفت‘هڪ روايت موجب (ابوالفتح) -تان- پيو، جو چون ٿا ته ڄام عيسب جو پٽ هو. روايتي نسب نامي ۾، برفتن کي سمن ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ڄام -برفت- جو شجرو هن طرح بيان ٿيل آهي: ڄام -برفت- پٽ ڄام عيسب پٽ ڄام هوٿي پٽ ڄام چنو پٽ ڄام هوٿي پٽ ڄام هالو پٽ ساند پٽ پلي پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اڍو پٽ اوڍار پٽ نهڙيو پٽ نوتيار پٽ جد پٽ جودار پٽ سمو پٽ جادم. هڪ روايت موجب ابوالفتح (برفت) -بلوچستان- جي سردارن مان هو ۽ ’بارڻ‘ ۾ اچي نومڙين مان شادي ڪري، سندن سرداري حاصل ڪيائين. ڄام -برفت- جو اولاد ”برفت“ سڏجڻ لڳو. وقت گذرڻ سان ٻيا راڄ به ساڻن ڀيڙا ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح ’برفت‘ يا ’برفت ڪار‘ جو دائرو به وسيع ٿيڻ لڳو. نسب نامي جي هڪ روايت گهڻن راڄن کي ’برفت‘ جي اولاد ۾ شمار ڪري ٿي. هن روايت موجب ڄام -برفت- کي ڇهه پٽ ٿيا: همرڪ، ڪارو، ڏيڻ، موچي، همرڪو ۽ شاهو. ’ڪاري‘ جي اولاد مان ’عاقلاڻي‘ آهن. ڏيڻ جو اولاد ’ڏيڻراڻي‘ ٿيا، موچي جي اولاد مان ’موچيجا‘ آهن. هميرڪو جي اولاد مان ’هميرڪا‘ ٿيا، جيڪي پوءِ جوکين سان گڏيا. ’شاهو‘ جي اولاد مان ’شاهوڪ‘ ٿيا، جيڪي لس ٻيلي ۾ -آباد- آهن. ڄام -برفت- کانپوءِ پڳ ڄام همرڪ تي آئي، جنهن کي 9 پٽ ٿيا. وڏو ڄام مڙجوڪ هو، جيڪو پوءِ پڳدار ٿيو. هو برفتن ۾ نالي وارو سردار ٿيو. هن چوويهه پالڙو (چوويهن علائقن جا سردار) پاڻ سان ڀيڙا ڪيا. -ان- جي وفات کان پوءِ پڳ سندس پٽ ڄام باديڻ (يعني بهاؤالدين) تي آئي. -ان- کان پوءِ سرداري سندس پٽ ”ڄام -آري- بَدو“ کي ملي. ’ڄام آري‘، ‘ڄام بدو‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. شايد ’بدو‘ کيس انهيءَ ڪري سڏيائون، جو هو ’بَدُن‘ وانگر پهاڙن ۾ رهڻ لڳو ۽ اتان لشڪر وٺي سنڌ جي -آباد- ايراضيءَ کي ڦرڻ لڳو ۽ اهو اطلاع دهليءَ جي مغل -بادشاهه- وٽ پهتو ته کانئس پڇا ٿي ته ڇو ٿو ڦرلٽ ڪرين؟ چيائين لاچار گذران لاءِ ٿو ڪريان. انهيءَ تي سنڌوءَ واري ايراضي غالباً موجوده ڪوٽڙيءَ ۽ -ٺٽي- تعلقي جو چوٿون حصو کيس -جاگير- ٿي مليو. اتي جا ٻه قبيلا شورا ۽ منو پسايا ساڻس ڀيڙا ٿيا ۽ اڄ تائين برفتن جا ڀائر آهن. هن قبيلي جو وڏو ڄام برفت، جيڪو ڄام عيسب جو پٽ هو. سال 720هه/ 1320ع ۾ ڄام عيسب -بن- ڄام هوٿي، جيڪو سنڌ جو سورهيه ۽ ڏاتار سڏيو ويندو آهي، پنهنجي پيءُ کان ناراض ٿي پاڻ ۽ سندس ٻيا ڀائر برو چاوڙو ۽ پنڻ شورو ۽ چار ٻيا دوست -بلوچستان- ۾ وارد ٿيا. -ان- وقت -بلوچستان- جو راجا ”مرک“ حاڪم هو. چون ٿا ته هي راجا ڏاڍو ظالم هو. ڄام عيسب اتي جي رعايا کي ظالم راجا کان نجات ڏياري ته انهن وري کڻي ڄام عيسب کي پنهنجو -بادشاهه- بنايو. ڄام عيسب پنهنجو وقت پورو ڪيو ته کانئس پوءِ ڄام -برفت- حاڪم ٿيو. ڄام -برفت- کان پوءِ ڄام همرڪ پڳدار ٿيو. ڄام همرڪ کي پنج پٽ ٿيا، هڪڙو ڪارو، جنهن جو اولاد، عاقلاڻي پاڙو، هن وقت ڪوهستان لس ٻيلي ۾ رهي ٿو. ٻيو پٽ ڏڌر يا ڏوهر جنهن جو اولاد ڏوهر يا ڏڌر، جيڪي هن وقت ڪرچات ڪوهستان ۾ رهن ٿا، ٽيون پٽ موچي جنهن جي اولاد موچيجا راڄ آهي، ڪوهستان ۾ رهندڙ آهن. چوٿون پٽ هميرڪو جنهن جو اولاد هميرڪا آهن، جيڪي هن وقت پاڻ کي -جوکيا- سڏائين ٿا ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رهندڙ آهن. موسي پوٽا به هميرڪي جو اولاد آهن، سي به ملير ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. پنجون شاهو، جنهن جو اولاد شاهوڪ آهن ۽ اُهي به لس ٻيلي ۾ رهندڙ آهن. همرڪ خان کي به چڱو اولاد ٿيو، -جن- مان ڄام مرذوق پڳدار ٿيو. ننڍو -ڀاءُ- مهندو خان ٿيو، جنهن جو پٽ حسن ٿيو. حسن کي وڏي تعداد ۾ اولاد ٿيو: پهريون نورو، جنهن جو اولاد نوري پوٽا حسناڻي راڄ آهن. ٻيو سينهوٽو، جنهن جو اولاد حسناڻي ۽ قلندراڻي، جيڪي -بلوچستان- ۾ رهندڙ آهن، ٽيون منڊڙو، جنهن جو اولاد مانڊڙا آهن. هي لس ٻيلي ۾ رهن ٿا. چوٿون سڄڻ، جنهن جو اولاد برباز قبيلو آهي، جيڪو مڪران -بلوچستان- ۾ رهي ٿو، جيڪي اتي به حملاڻي -بزنجا- سڏجن ٿا. جهڙوڪ سردار دين محمد خان، محمد علي خان ۽ سندس قبيلو -بزنجا- وڏي تعداد ۾ اتي موجود آهن. اهي سڀ نومڙئي قبيلي جي نسل مان آهن. پنجون موچي، جنهن جو اولاد اسحاق پوٽا ۽ حسناڻي بارڻ ڪوهستان ۾ رهن ٿا. ڄام مرذوق وڏي هشمت ۽ دٻدٻي وارو ٿي گذريو آهي. هن حاڪم چوويهن ڀائرن کي پنهنجي زيراثر ڪيو. هن صاحب جو قبضو مڪران ۽ اولهه -بلوچستان- تي هو. ڄام مرذوق کانپوءِ سندس پٽ ڄام باديڻ حاڪم ٿيو. ڄام باديڻ کان پوءِ سندس پٽ ڄام -آري- -بدو- -تخت- نشين ٿيو. هيءُ مغلن جو دور ٿو ڀانئجي. ڄام -آري- -بدو- جي دور ۾ سيوهڻ کان وٺي درياءُ جي ساڄي ڪپ تي، گاديءَ جو هنڌ تؤنگ هو، جيڪو ڪوٽڙيءَ کان اسي نوي ميل اولهه اُتر ۾ آهي ۽ هن وقت سنڌ جو حصو آهي. هيءُ وڏي همت وارو هو، جنهن مغلن سان وڙهي، -تلوار- جي زور سان جاگيرون ورتيون، جيڪي سيوهڻ کان وٺي ڪيٽي -بندر- تائين هيون. سندس دور ۾ -پالاري- ۽ شورا، جيڪي ڪوٽڙيءَ ۽ -ٺٽي- جي آسپاس رهندا هئا، سي هن پنهنجي ڀائيچاريءَ ۾ شامل ڪيا. هن سيوهڻ شهر ۾ مغلن جي دور ۾ ڦرلٽ ڪرائي ۽ مغلن جي لشڪر جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪري مال متاع کڻي ويو. پوءِ وقت جي حاڪم ابوالقاسم، جيڪو -ان- وقت مغلن جو گورنر هو، وڏيءَ ڪوشش سان نومڙين جا ماڻهو گرفتار ڪيا ۽ پوءِ ضمانت تي آزاد ڪيا. ڄام -آري- -بدو- هڪڙي درويش باريچي فقير جي سوال تي، دُريجيءَ جو علائقو، جيڪو 150 چورس ميلن ۾ پکڙيل هو، باريچي ذات کي بخشي ڏنو، جيڪو پوءِ ”ڀوتاڻي“ ۽ ”ڇٽل“ قبيلي کانئن کسيو. هن وقت اهو علائقو لس ٻيلي ۽ -بلوچستان- جو حصو آهي. مغلن ۽ ارغونن جي دور ۾ نومڙيا واپار ڪندا هئا. سامان جا هزارين اُٺ سيوهڻ شهر ۾ وڪڻندا هئا ۽ سيوهڻ سندن واپاري مرڪز هو. مطلب ته هيءُ قبيلو فطري طور امن پسند هو، پر جڏهن ڪنهن -بادشاهه- يا قبيلي کين -تنگ- ٿي ڪيو ته پوءِ مڙس ٿي منهن ڏيندا هئا. هن ئي دور ۾ -بروهي- قبيلي، تَونگ جي ڄام -آري- -بدو- تي حملو ڪيو ۽ چيائون ته ”حميرڪيون ٿا ڪاهيو هلون.“ مطلب ته نومڙين جون گهوڙيون ٿا ڪاهڻ هلون. -جنگ- لڳي، جنهن ۾ بروهين شڪست کاڌي ۽ جيڪي بچيا سي لاش ڇڏي ڀاڄ کائي ويا ۽ سندن سردار به هن ئي -جنگ- ۾ مارجي ويو، جنهن ۾ به لاش ڇڏي ويا. جنهن ماڳ تي -جنگ- لڳي، انهيءَ برساتي ڍوري کي اڄ تائين ”جنگ جو ڍورو“ سڏيو ويندو آهي. -اڪبر بادشاهه- جي ڏينهن ۾ سنڌ جا صوبيدار ملڪ تي ڪو توجهه ڪونه ڏيندا هئا، ملڪ ۾ ڦرلٽ -جام- هوندي هئي. ڪوهستان ۾ ’بارڻ‘ جو علائقو برفتن کسي، پاڻ کي حاڪم سڏايو. ڄام -آري- -بدو- کان پوءِ سندس وڏو پٽ ’ڄام لهار‘ پڳدار ٿيو، جيڪو سخي ۽ درويش هو. هڪ دفعي ڄام لهار جي پٽن، چاچي حمل جو اُٺ -تير ڪمان- سان ماري وڌو، جنهن تي ڄام حمل پنهنجي -ڀاءُ- ڄام لهار کي چيو ته ”ادا! تنهنجا پٽ تنهنجي هوندي ئي پنهنجي چاچي سان اهڙي بيواجبي هلت ڪندا ته سڀاڻي اسان ۽ راڄن سان خبر ناهي ته ڪهڙو ويل ڪندا!“ تنهن تي ڄام لهار، راڄ، ڀائر ۽ پٽ سڏائي، انهن کي چيو ته ”حڪومت خدا جي امانت آهي، تنهن ڪري آءُ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڀائرن کي راڄ ڀاڳ ورهائي ٿو ڏيان.“ پوءِ پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن کي سڏائي اڌ راڄ حمل کي ۽ اڌ راڄ ٻاپڙي کي ورهائي ڏنائين. -ان- وقت کان وٺي هن خاندان ۾ ٻه سرداريون ٿيون. باقي ڄام لهار گوشي نشيني اختيار ڪئي. پنهنجن پٽن کي -تونگ- -جاگير- ڏنائين، جنهن ۾ هڪڙو چشمو آهي، -ان- تي اڄ به سوين -ايڪڙ- آباديءَ ٿيندي آهي. -بلوچستان- ۾ ”مردوئي“ قبيلو رهندڙ آهي، سو به نومڙئي نسل مان ۽ ڄام -بهاؤالدين- يا ڄام باديڻ جي اولاد مان آهي. هيءُ قبيلو شاهه نورانيءَ جي آسپاس وڏي تعداد ۾ رهندو آهي. ڄام حمل کان پوءِ سندس وڏو پٽ ڄام مرذوق ٻيو پڳدار ٿيو، جيڪو پنهنجن وڏن وانگر سگهارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي علائقي کي ڪجهه وڌايو ۽ اتي انهن راڄن جا چڱا مڙس مقرر ڪري، اهي علائقا انهن جي ئي حوالي ڪيا، جيئن نال وارا -بزنجا- ۽ مڪران ۾ حسناڻي ۽ مردوئي وغيره. ڄام حمل جا ٻيا پٽ (1) اوٿمان ۽ (2) چاڳلو هئا. اوٿمان جو اولاد وليداد خان، حاجي خان، سديو خان، ديگي خان، اوٿمان جو اولاد وڍ نال ۾ رهي ٿو، جيڪي ”ساسولي“ ۽ ”هوٿمان زئي“ سڏائجن ٿا. ڪجهه بارڻ ۾ به رهن ٿا. حاجي خان جو اولاد به بارڻ ۾ وڍنال ۾ رهي ٿو، جيڪي پاڻ کي ”حملاڻي“ سڏائين ٿا. ديگي خان جو اولاد بارڻ ۾ رهندر آهي ۽ چاڳلي جو اولاد به بارڻ ۾ رهي ٿو، جيڪي پاڻ کي ”چاڳلي پوٽا“ سڏائين ٿا. ڄام مرذوق کان پوءِ سندس پٽ ڄام کيئو خان حاڪم ٿيو، جنهن جو اولاد ”کيئي پوٽا“ سڏائين ٿا، اهي ڪوهستان ۾ رهن ٿا. ڄام کيئي کان پوءِ ڄام مرذوق ٽيون پڳدار ٿيو. -ان- کان پوءِ ڄام مريد پڳدار ٿيو. ڄام مريد خان کان پوءِ ڄام ڪانڀو پڳدار ٿيو. هيءُ وڏو سگهارو حاڪم ٿيو، جنهن -ٺٽي- ۽ سيوهڻ ۾ مغلن کي گهڻو نقصان رسايو. ڄام ڪانڀوءَ کي گرفتار ڪري دهليءَ موڪليو ويو، -جتي- مغل -بادشاهه- کيس جاگيرون ڏنيون ۽ ”ملڪ“ جو خطاب ڏنو. -ان- کان پوءِ نومڙئي قبيلي جي سردار کي ”ملڪ“ سڏيو ويندو آهي، جيڪو اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ڄام ڪانڀوءَ کان پوءِ ملڪ نورالدين پڳدار ٿيو. ملڪ نورالدين کان پوءِ ملڪ پاهڙ پڳدار ٿيو. ملڪ پاهڙ ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ هو. هيءُ به جرئت وارو حاڪم هو، جيڪو شب خون هڻي مغلن کي ڦري ماري هليو ويندو هو. هڪ دفعي -ٺٽي- جي صوبيدار نواب الف خان کي ماري وڌائين. -ان- وقت مغل حڪومت زوال پذير هئي، تنهن ڪري ملڪ پاهڙ کي اڃا ٻه وڏيون جاگيرون ڏيئي راضي ڪيو ويو. ابراهيم گونگو، جيڪو ”لس“ جو حاڪم هو ۽ ملڪ پاهڙ جي گهر ۾ سندس ڀيڻ هئي، انهيءَ جي قتل ٿيڻ تي وير وٺڻ لاءِ، ملڪ پاهڙ بارڻ کان ڏهه هزار لشڪر وٺي لس تي ڪاهه ڪئي ۽ لس کي فتح ڪيو، تنهن وقت ۾ جهالاوان ۽ سراوان، خان قلات جي اثر هيٺ هئا. خان قلات، ملڪ پاهڙ کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. ملڪ پاهڙ، لس ٻيلو فتح ڪرڻ کان پوءِ يارمحمد ڪلهوڙي جي حدن ۾ وڌڻ شروع ڪيو، جنهن تي ملڪ پاهڙ ۽ ميان يارمحمد جي وچ ۾ 1117هه/1705ع ۾ -جنگ- لڳي. ملڪ پاهڙ هارايو. لس ٻيلي تي ملڪ پاهڙ سڄا سارا پنجاهه سال حڪومت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس صغير پٽ ملڪ عزت خان، حاڪم بڻيو، جنهن جي نگراني ملڪ پاهڙ جي گهرواريءَ ”بيبي چاڳلي“ ڪئي ۽ حڪومت هلائي. ملڪ پاهڙ جو مقبرو لس ٻيلي ۾ ”ٺيهاريءَ“ جي مقام ۾ موجود آهي. ملڪ پاهڙ جي گهرواري تمام داناءُ ۽ بردبار هئي، جنهن لس ٻيلي تي چڱي حڪومت هلائي. ملڪ پاهڙ 1742ع ۾ وفات ڪئي. بيبي چاڳليءَ 1766ع تائين حڪومت ڪئي. پوءِ خان قلات ۽ ڄاموٽن جي سازش ڪري لس کي ڇڏي ”ڪنگوري“ تي اچي رهي. ڪنگورو شاهه نورانيءَ کان اُتر ۾ آهي. اُن وقت ۾ ڄام عاليءَ جو ڀاءُ، رونجها قبيلي جي ماڻهن، ناگن ديهه تي قتل ڪيو، جنهن بعد عالي، جيڪو پوءِ ڄام عاليءَ جي نالي سان لس جو حاڪم ٿيو، تنهن بيبي چاڳليءَ کي رونجهن جي خلاف دانهن ڏني، پر انصاف ڪونه ٿيو، جنهن تي خان قلات کي اڌ لس ڏيڻ جي واعدي تي مخالفت شروع ڪيائون. نيٺ بيبيءَ صاحبه ڪنگوري کي ڇڏي، ڪوٽڙي شهر ٻڌي، اتي هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪئي. جڏهن ملڪ پاهڙ حيات هو ته عالي خان وارا روز سلام تي ايندا هئا، پر جڏهن برفتن جي سرداري ختم ٿي ۽ ڄاموٽن جي حڪومت شروع ٿي، تڏهن ملڪ عزت خان به جوان ٿيو ۽ خان قلات کان سڱ جي گهر ڪري شادي ڪيائين. ملڪ عزت خان به زور ڀريو حاڪم ٿي اُڀريو. -بروهي- قبيلي، جيڪو -تونگ- تي حملو ڪيو هو ۽ شڪست کاڌي هئي، -ان- کان سواءِ جوکيا، ڄاموٽ ۽ ٻيا -بلوچستان- جي اولهه وارا قبيلا، نومڙين جي طاقت تي خار کائيندا هئا، -تن- ملڪ پاهڙ جي وفات کان پوءِ گڏ ٿي لس ۽ اونگر واري -جنگ- ۾ بدلا چڪايا. اونگر واري -جنگ- ۾ خان قلات جو لشڪر، مينگلن جو لشڪر، ڄاموٽن جو لشڪر، جوکيا، -جاکرا- ۽ ٻيا اهي قبيلا، جيڪي نومڙين سان نه پڄندا هئا، -تن- کي به چڱو وجهه ملي ويو، سو بنااطلاع جي ڪوٽڙيءَ ۽ جهرڪن جي وچ واري ڳوٺ ”اونگر“ تي حملو ڪيائون، -جتي- ملڪ عزت خان جي -جاگير- هئي. ڄام عالي خان پنج هزار لشڪر سان جيئن اتي پهتو ته -ان- وقت -جاگير- جي آسپاس هڪ سؤ ويهن نگهبان ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو. شورا ذات اتان ويجهي هئي، جيڪا به نومڙئي سردار جو راڄ هئي، انهن به غداري ڪئي ۽ مدد لاءِ نه آيا. ڄام عاليءَ، اتي جي اڳواڻ درياخان بادلاڻيءَ کي گهرائي چيو ته ”اوهين 140 ماڻهو، پنجن هزارن ماڻهن سان وڙهي نه سگهندا، تنهن ڪري اوهين چپ ڪيو ويٺا هجو. اسين صرف زمين -تان- پير گهمائي ٿا وڃون ۽ پنهنجي لشڪر جو ڌاڪو ٿا ڄمايون.“ پر درياءُ خان چيو ته ”ادا، اسان جو سردار نه آيو آهي، تيستائين اسين اوهان کي -جاگير- جو سنگ به کڻڻ نه ڏينداسين. اسان جي لاشن مٿان لنگهي پوءِ وڃي سگهو ٿا.“ بهرحال -جنگ- لڳي، ۽ هنن سورهين وڙهي سر ڏنو، پر کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو .
ملڪ عزت خان 1782ع ۾ هالاڻيءَ واري -جنگ- ۾ شهيد ٿيو. سندس مقبرو ڪوٽڙي شهر جي ڀرسان آهي، جيڪو سندس والده بيبي چاڳليءَ ٺهرايو هو. چون ٿا ته هن مقبري جو چن اُٺين جي کير سان گڏايو ويو هو. ملڪ عزت خان کان پوءِ سندس پٽ ملڪ صوبدار خان حاڪم ٿيو. اونگر واري -جنگ- کان پوءِ جوکين ملير ڇڏي وڃي -بلوچستان- جي حد ۾ ”ٽٽيان ڍوري“ وٽ پڙاءُ وڌو. نومڙيا اتي ڪاهي ويا. جوکين نياڻي ميڙ ڪئي، پر نومڙين نه مڃيو. آخر -جنگ- لڳي، جنهن ۾ ملڪ صوبدار شهيد ٿيو؛ ٻئي لشڪر وٺي ڀاڄ کاڌي. صوبدار جو مقبرو زبون حالت ۾ ۾ موجود آهي. -ان- کان پوءِ ملڪ احمد خان حاڪم ٿيو. هن ميرن ۽ ڄام ميرخان، لس جي حاڪم سان، مائٽي ڪئي. انهيءَ دور ۾ -انگريز- سنڌ تي چڱيءَ طرح سان قابض ٿي چڪا هئا. سنڌ ۾ سيٺ نائون مل ۽ خواجن جو پير ميرن جي حڪومت جا مخالف هئا. تنهن وقت ۾ جهرڪن جي شهر جي آبادي چڱي هئي ۽ خواجن جو تعداد به گهڻو هوندو هو. هڪڙي دفعي خواجن جي پير جي جهرڪن ۾ منزل هئي. ملڪ احمد خان پنهنجي راڄ جي پاڙي ۾ شورن ۽ برفتن کي حڪم ڪيو ته جهرڪن تي حملو ڪريو. حڪم جي دير هئي. سڄو شهر ڦري لٽي هليا ويا. انهيءَ کان پوءِ شهر جا ڪيترائي خواجا واپاري لڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ رهيا. انهيءَ کان پوءِ -ٽن- سردارن ملڪ احمد خان، ڄام مهر عليءَ ۽ ملڪ ابراهيم انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملي جا سانباها ڪيا. هرهڪ سردار پاڻ سان هزار هزار سوار وٺي ڪراچيءَ کي ويجهو ”منگهي پير“ تي ڇانوڻي هنئي، پر ڪن ماڻهن -انگريز- آفيسرن کي وڃي ٻڌايو، جنهن ڪري سردارن جي مهم ناڪام وئي ۽ شب خون هڻي نه سگهيا، -تان- جو ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ملڪ احمد خان وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو ۽ پويان ٻه پٽ ملڪ پاهڙ ۽ ملڪ عزت خان ڇڏي ويو. هڪ نياڻي ۽ سندس وڏو پٽ صوبدار خان سندس حياتيءَ ۾ گذاري ويو. جنهن ڄام ميرخان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي. وفات کان پوءِ ملڪ سردار خان صغير ڇڏي ويو، جيڪو پنهنجي ناني ڄام ميرخان وٽ ”لس“ ۾ رهندو هو. اهو وڏو ٿيو ته پڳ ٻڌائي راڄ ڀاڳ -ان- جي حوالي ڪيو ويو. ڪوهيار واري جنگ، جيڪا خان قلات ۽ ڄام عالي خان جي وچ ۾ لڳي، -ان- ۾ ملڪ سردار خان، برٽش حڪومت کان وڏو لشڪر وٺي، ڄام ميرخان جي مدد ڪئي. برٽش حڪومت -ان- ڳالهه تي اعتراض ڪيو ۽ ملڪ سردار خان جي چرپر تي پابندي وجهي ڇڏي، جيڪا ويهه سال هلي. -ان- دوران ملڪ سردار خان ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر ڪيڏانهن به نٿي وڃي سگهيو. آخر ملڪ سردار خان -تان- اها پابندي لٿي. ملڪ سردار کان پوءِ سندس وڏو پٽ ملڪ صوبدار ٽيون پڳدار ٿيو. ملڪ سردار خان کي ٻه پٽ ٻيا به هئا. ملڪ شيردل خان ۽ ملڪ شاهنواز خان. اهي سڀئي ڀائر برٽش حڪومت ۾ اعليٰ پوليس آفيسر ٿي رهيا. ملڪ صوبدار خان پنهنجي دور ۾ راڄ ڀاڳ جي وڏي مدد ڪندو هو. 1919ع واري بيماريءَ ۾ ملڪ صاحب پاڻ گهوڙي تي چڙهي ماڻهن ۾ دوائون ورهائڻ ويندو هو. -ان- کان سواءِ سخاوت ۾ به پنهنجو نالو ڇڏيائين. 1922ع ڌاري وفات ڪيائين .
ملڪ صوبدار خان جي مرڻ کان پوءِ پڳ سندس وڏي پٽ ملڪ سردار خان تي آئي. چئني ڀائرن ڀوتاڻي خاندان مان شاديون ڪيون، جيڪي سردار -اميد علي خان- ڀوتاڻيءَ جون ڀينرون هيون. ڀوتاڻي خاندان ضلعي لس ٻيلي جي علائقي دريجيءَ ۾ رهندڙ آهن. پاڻ کي سومرا چوائين ٿا ۽ سندس راڄ ڀاڳ کي سماٽ ۾ شمار ڪن ٿا. قلات جي خاندان سان ناسازيءَ ڪري حيدرآباد ۾ گنجي -ٽڪر- جي آسپاس رهيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ دريجي ساروڻو، -باريجا- قبيلي کان کسي پاڻ قابض ٿيا، -جتي- اڄ تائين رهندا اچن. ملڪ سردار خان، درويشي طبيعت جو سادو سودو ماڻهو هو، جنهنڪري راڄ ڀاڳ جي ذميداري سندس وڏي پٽ ملڪ سڪندر خان پنهنجي هٿ وس ڪئي. منجهس گهڻيون خوبيون هيون. صوبائي اسيمبليءَ ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو رهيو. هن هر دلعزيز شخصيت جي مالڪ 1983ع ۾ وفات ڪئي. هن وقت هن خاندان مان ملڪ -اسد- سڪندر پڳدار آهي. جيڪو پڻ سياست ۾ سرگرم آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -برفت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

برفت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن