داخلا ؛ 1675
پڙهيو ويو ؛ 210
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-28


تصويرون


james-burnes.jpg
جيمس برنس
جيمس برنس



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--برنس جيمس

ٽائيٽل ؛ برنس جيمس


شاخ : سياح

برنس،جيمس: جيمس برنس مشهور -انگريز- ليکڪ ۽ سياح هو، جيڪو ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهيو. هن پنهنجن بالا عملدارن (انگريز حاڪمن) کي سنڌ بابت معلومات ڏيڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو عنوان هو: “A Narrative of a Visit of Court of Sindh: A Sketch of the History of Cutch.” هيءُ ڪتاب 1831ع ۾ -انگلنڊ- ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو محمد حنيف صديقيءَ ڪيو ۽ اهو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جي عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع ۾ ڇپايو. -ان- ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو -ان- مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جا اڄ تائين چئن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جيمس برنس هيءَ معلومات -انگريز- حاڪمن کي -ان- وقت ڏني هئي، جڏهن سنڌ اڃا انگريزن جي قبضي ۾ نه آئي هئي. سنڌ تي حملو ڪرڻ کان اڳ کين سنڌ ملڪ بابت هر قسم جي معلومات گهربل هئي، ۽ جيمس برنس کي پنهنجن اعليٰ عملدارن جي خوشنودي درڪار هئي؛ -ان- ڪري سنڌ جي -ٽالپر- حڪمرانن ڏانهن هن جو رُخ همدرديءَ وارو نه هو. اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ -ٽالپر- حڪمرانن لاءِ اڻ سونهائيندڙ لفظ استعمال ڪيا آهن. جيمس برنس، -ڀُڄ- جي سفارتخاني مان 10 جون 1828ع تي ڪڇ جي سفير ڏانهن هڪ خط لکي، سنڌ جي سفر جي -تازي- معلومات موڪلي ۽ اميد ڏيکاري ته -انگريز- حاڪمن لاءِ اها معلومات ڪارآمد ٿيندي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -برنس جيمس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

برنس جيمس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياح - موضوع جون ٻيون داخلائون-
برٽن رچرڊ
برنس جيمس
ابن بطوطه
ابن حوقل
ابو زيد حسن سيرافي
ابن ابي اصيبه
ابن فقيهه
ابو دلف
اليعقوبي


.....سياح موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن