داخلا ؛ 4126
پڙهيو ويو ؛ 669
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-07-02


تصويرون


Brohi-Johar.jpg
بروهي جوهر
بروهي جوهر



ٽائيم لائين

1950.01.29-A.D
29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي ، تعلقي پني عاقل ، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--بروهي جوهر

ٽائيٽل ؛ بروهي جوهر


شاخ : شخصيت

بروهي، جوهر: ’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم -بروهي- آهي، هن 29 -جنوري- 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ -جنم- ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دوره -تفسير- جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي -تعليم- مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، هن مدرسه عربيه فريد آباد، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيه -انور- الرحمان دريا خان مري نواب شاهه مان ديني -تعليم- پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ -استاد- مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ -بين- الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، -اسلام- -آباد- مان ”دعوه ڪورس“مڪمل ڪيو. -ان- دوران مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو -تفسير- پڙهيو ۽ تجويد ۾ -استاد- قاري محمد مدنيءَ وٽ -تعليم- پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريد -آباد- ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي.
جوهر -بروهي- 1972ع کان سنڌي ۽ -براهوي- ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. -ان- حوالي سان -براهوي- ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، -تاريخ- ۽ -ثقافت- سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، -اردو- ۽ -براهوي- ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون -براهوي- شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو -براهوي- ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري -براهوي- قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.
جوهر -بروهي- پنهنجي قلم ذريعي -براهوي- قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي -براهوي- ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر -بروهي- ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، -ان- حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ -انسائيڪلوپيڊيا- آهي. جوهر -بروهي- هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي،-ان- کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ -براهوي- پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (براهوي شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (براهوي نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (براهوي شاعري: 1991ع)، (5) روشنائي (براهوي شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (براهوي شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) -براهوي- تخليقڪار -اور- سوانح (2000ع)، (14) -امام- العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي -براهوي- شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بروهي جوهر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بروهي جوهر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن