داخلا نمبر 4128
عنوان بروهي داد محمد خادم
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 310 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو
بروهي داد محمد خام

بروهي داد محمد خام

بروهي داد محمد خادم

بروهي، داد محمد ’خادم ‘:ناليوارو محقق، اديب، شاعر، صحافي ۽ ٻولين جو ماهر ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي ولد نيڪ محمد بروهي، 4 مارچ 1940ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد ۽ ڪشمور مان حاصل ڪيائين. ايم. اي بعد 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي جي تحقيقي مقالي جو عنوان ”سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ هو. کيس پنجن ٻولين سنڌي، براهوي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابيءَ تي دسترس حاصل آهي. پاڻ انهن پنجن ئي ٻولين ۾ لکي رهيو آهي. صحافت سان سندس پراڻو تعلق آهي. سنڌي اخبار ”کيرٿر“ ۽ براهوي اخبار ”ايلم“ سان، جيڪا مستونگ مان نڪرندي آهي، منسلڪ آهي. جيڪب آباد جي مشهور هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي شايع ٿيندڙ مخزن ۾ ادبي ۽ علمي معاونت ڪندو رهيو آهي. ڪيترن ئي سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي، براهوي ۽ بلوچي ٻولين جي محاورن ۽ لهجن جي باري ۾ مضمون لکندو پيو اچي. سندس مقالا جامع ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور هوندا آهن. ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهيءَ جا ٻه ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايا آهن. (1) سنڌي براهوي ٻوليءَ جو تقابلي جائزو (1994ع)، (2) سنڌي براهوي لغت (2004ع)، ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ”بلوچستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جائزو“ اداري وٽان ڇپائيءَ هيٺ آهي. ان کان اڳ سندس ڪتاب ”مٺڙا مارو“ پڻ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.04  عيسوي

ڊاڪٽر داد محمد ” خادم “ بروهي 4 مارچ 1940ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون