بروڪس ڪات

بروڪس ڪات (Broks kat) (ٻولي ):هيءَ ٻولي بروڪ پا-دا هنو (Dah-Hinu)، بي بروڪ پا- ڊوڪس ڪات، ڪيانگو (Kyango) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي .
هي ٻولي ڄمون ڪشمير، سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن سان، لداخ ۽ ڪارگل ضلعن ۾ اتريون ڪشمير، گورکن ڳوٺ جي چوڌاري دارچڪ، چولي چان، گرگردو، باتالڪ، راهه ۽ اڳئين هنو جي علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي ٻولي هند- پور پيائي، هند- ايراني، هند- آريائي، اتر اولهه داردي ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي بالتي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي .
بروڪ پا نالي قبيلو آهي، جيڪو شنا وانگر ٻولي ڳالهائي ٿو. ان قبيلي جو ٻيو نالو منارو (Manaro) آهي، بروڪس ڪت سندن ٻولي آهي. هي سالن کان هتي رهن پيا. هتان جا اصلوڪا رهاڪو آهن. مذهبي طور ڪي ٻڌ آهن ته ڪي مسلمان .


هن صفحي کي شيئر ڪريو