برٽش ميوزم

برٽش ميوزم

برٽش ميوزم

برٽش ميوزم: لنڊن ۾ ادب، سائنس ۽ آرٽ جي قديم شين (نوادرات) جو قومي عجائب گهر، جيڪو 1759ع ۾ پارليامينٽ جي قانون مطابق قائم ڪيو ويو. هن ۾ سر رابرٽ بروس ڪاٽن (Robert Bruce Cotton) ۽ سر هئنس سلون (Hans Slone) جي ڪتب خاني هارلين لائبرري، جارج ٻئي ۽ جارج ٽئين جا شاهي ڪتب خانا آهن. هتي مصري سنگ سياهه جي هڪڙي سِر (حجر روزيٽا) ۽ ايلگن ماربل پڻ رکيل آهن. سر ائنٿني پائيزي (Anthony Panizi) هن ڪتب خاني جي فهرست ڇاپڻ شروع ڪئي. ٻيءَ عالمي جنگ دوران هن ميوزيم جا ڪافي نوادارات ويلز ۾ هڪ ڪوئلي جي کاڻ ۾ حفاظت لاءِ رکيا ويا هئا. برٽش ميوزيم لائبرريءَ ۾ برطانيا مان شايع ٿيندڙ هر ڪتاب جا نسخا رکيا ويندا آهن. هن وقت هن ۾ لکين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. هن ميوزيم ۾ سنڌ جي نوادرات ۽ دستاويزن جو سٺو ذخيرو آهي .


لفظ برٽش ميوزمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو