برڪت علي خان

برڪت علي خان

برڪت علي خان

برڪت علي خان: استاد ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو باني فنڪار هو. متحده هندستان ۾ ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو سلسلو استاد برڪت علي خان کان شروع ٿيو. پاڻ قصور ۾ سال 1910ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق پٽياله گهراڻي سان هو. پاڻ علي بخش خان جو پٽ ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو ننڍو ڀاءُ هو .
استاد برڪت علي خان راڳداريءَ ۾ ابتدا پڪي راڳ ڳائڻ سان ڪئي. سندس پرسوز آواز هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ لاءِ وڌيڪ موزون هجڻ ڪري استاد پاڻ کي ٺمري، دادرا، ڪافي، غزل ۽ گيت ڳائڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پاڻ پنهنجي پيءُ علي بخش خان جو شاگرد هو. 40 واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سندس غزل ۽ هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ جي شهرت ديسان ديس پهچي چڪي هئي. چراغ حسرت جي شاعريءَ ۾ سندس ڳايل هڪ اردو ماهيي ۾ عجيب قسم جي تڙپ ۽ پڪار آهي .
باغون مين پڙي جهولي، هم تم ڪو نهين بهولي “
استاد برڪت علي خان شادي ڪانه ڪئي، سندس انتقال لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿيو.کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو. سندس شاگردن ۾ علي بخش، ظهور ۽ غلام علي ڪافي مشهور آهن .


لفظ برڪت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.00.00  عيسوي

برڪت علي خان، قصور ۾ سال 1910ع ۾ پيدا ٿيو.


1963.00.00  عيسوي

برڪت علي خان جي وفات لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاءُ الله بهائي
ڀرگُو
ابو بن اڌم
بيگم غلام حسين هدايت الله
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ
سيد غلام حيدر شاهه1
پير جمعو شهيد
ڄام ڪارائڙو
پنهون فقير ٻرڙو
ارڏو اترادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون