داخلا نمبر 4141
عنوان بزمي نثار
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 522 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيديا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو
نثار بزمي

نثار بزمي

بزمي نثار

”بزمي“ نثار: ناليواري شاعر ۽ اديب نثار بزميءَ جو اصل نالو قلندر بخش جوڻيجو هو. هن 1924ع ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي ۽ آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو هئائين. آزادي واري تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ قومي رنگ نمايان آهي. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾: (1) ”ڏکن آءُ ڏاڍي“، (2) ”سنڌڙي“، (3) ”وڄن وراڪا“، (4) ”عشق نه پڇي ذات“، (5) ”تاجدار حرم“ ۽ (6) ”ٻول نثار بزمي جا“ اهم آهن. سندس ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي، جيڪو ريڊيو ۽ ٽي وي تي هلندڙ ۽ ڪافي مقبول آهي. نموني طور سندس هڪ ڪلام جا بند ڏجن ٿا:
ســتـم يــاد آيــو، جـفــا يــاد آئـــي
وري دل ڏيــڻ جــي خـطا يـاد آئـي
وهـي مـنهنجـي نيڻن منجھان نير آيا
وري وصـل جــي رات ڪــا يــاد آئـي!
نثار بزميءَ جو ڪلام علم عروض تي پختو ۽ موسيقيت وارو آهي، جنهنڪري اهو آسانيءَ سان ڳائي وڄائي سگھجي ٿو. نثار بزمي استاد شاعر آهي. سندس ڪيترا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل آهن. سندس ٻارن لاءِ شاعري جو هڪ سندس شاگرد غلام محمد غازيءَ ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو، جنهن کي 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ ۽ 25000 رپيا انعام ڏنو ويو هو. نثار بزمي 2000ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.00.00  عيسوي

نثار بزمي 1924ع ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو


2000.00.00  عيسوي

نثار بزمي 2000ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون