داخلا نمبر 4228
عنوان بشر بن دائود المهلبي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 172 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

بشر بن دائود المهلبي

بشر بن دائود المهلبي: عباسيه دور ۾ سنڌ جي گورنر دائود مهلبيءَ جي (820ع ڌاري) وفات کانپوءِ مامون عباسيءَ سندس پٽ بشر بن دائود کي گورنر مقرر ڪيو، جنهن پنجن سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ مڪران جي حڪومت پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪئي. بشر سڄي عرصي ۾ سرڪاري خزاني ۾ پئسا جمع نه ڪرايا، ان تي مامون عباسيءَ کي ڪجهه ماڻهن اهڙا اطلاع ڏنا ته بشر بغاوت ڪئي آهي ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان تي خليفي پهرين حاجن بن صالح کي سنڌ موڪليو، ان جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ غشان بن عباد کي سنڌ موڪليو ويو، جنهن منصوره پهچي، هن کي گورنريءَ تان معزول ڪري حڪومتي انتظام پنهنجي هٿ ۾ ورتو. محقق ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ عرب دور ٽئين جلد ۾ لکيو آهي ته بشر گورنريءَ تان هٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنگ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. پر غشان بن عباد جي فوج هٿان شڪست کائي گرفتار ٿيو. غشان بن عباد ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ موسيٰ بن يحيٰ کي گورنر مقرر ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو