داخلا نمبر 2019
عنوان بشير احمد خان لغاري
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 506 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري

بشير احمد خان لغاري: بشير احمد خان لغاري، نامياري سياستدان حاجي نجم الدين سريوال جي گهر ۾ ڳوٺ مالڪ لغاريءَ ۾ 20 جولاءِ 1952ع تي اک کولي. هن بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هي 2008ع جي چونڊن ۾ بدين جي تڪ پي.ايس 56 مان ايم پي اي چونڊيو آهي. هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جي زراعت، چوپائي مال ۽ خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جو ميمبر آهي. سياست ڄڻ کيس سُتيءَ ۾ پيل آهي. سندس والد نجم الدين سريوال پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ اهم سياستدان رهيو آهي، جنهن روزانه اخبار ’ڪاروان‘ به جاري ڪئي هئي. بشير احمد خان لغاري، عبدالستار لغاري جو سؤٽ آهي، جيڪو ٽي دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. هي مختلف وقتن تي آسٽريا، ڊينمارڪ، انگلنڊ ۽ آمريڪا جو دورو ڪري چڪو آهي. سندس مستقل رهائش ماتلي ضلعي بدين ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو