داخلا ؛ 2021
پڙهيو ويو ؛ 719
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون


dr-basher-ahmed-shad.jpg
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڊاڪٽر بشير احمد شاد



ٽائيم لائين

1942.04.01-A.D
ڊاڪٽر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.




sindhianaسنڌيانا--بشير احمد شاد، ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ بشير احمد شاد، ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

بشير احمد ’شاد‘، ڊاڪٽر: ناميارو شاعر ۽ نثرنگار، ڊاڪٽر -بشير احمد- ’شاد‘، پهرين -اپريل- 1942ع تي، شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ڌاري بي. ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته پنهنجي علمي لياقت وڌائڻ لاءِ، 1989ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ”مولانا ثناءُ -الله- ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. ڊاڪٽر -بشير احمد- شاد، پنهنجي ملازمت جي ابتدا، گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾، ليڪچرر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ سندس بدلي، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي، -جتي- هو ائسوسيئيٽ پروفيسر رهيو ۽ 2002ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب لکڻ جي شروعات 1958ع ۾ اسڪول واري زماني کان ڪئي. هن وقت تائين، سندس سوين ادبي مقالا ۽ لاتعداد شعر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چُڪا آهن، جڏهن ته سندس 13 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، -جن- مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: ’امام شامل‘ (تاريخ) 1976ع، ’اوجاڳو اکڙين‘ (شاعري) 1986ع، ’پيهي منجهه پاتال‘ (لطيفيات) 1992ع، ’لاڙڪاڻو صدين کان‘ (ترتيب) 1995ع، ’ڀلارو ڀٽ ڌڻي‘ (1999ع)، ’اسلامي -تاريخ- جون نامور عورتون‘ (ترجمو) 1995ع، ’ڀٽ جو گهوٽ‘ (ترتيب) 1997ع، ’شاهه لطيف هر دور جو شاعر‘ (2008). سندس ادبي ۽ علمي خدمتن جي مڃتا طور کيس 1980ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ، 1986ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (پبلڪ اسڪول سکر)، 1989ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو)، 1997ع ۾ بيسٽ اسپيڪر اوارڊ (ريڊيو -پاڪستان- لاڙڪاڻو)، 1999ع ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي اوارڊ (نئين زندگي پبليڪيشن)، فيض بخشاپوري اوارڊ (فيض اڪيڊمي جيڪب آباد) ۽ 2000- 1999ع ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو اوارڊ (عباسي ڪلهوڙا تنظيم) ملي چُڪا آهن. ڪجهه وقت پاڻ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو صدر ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو نائب صدر ۽ فنانس سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هن وقت پاڻ زيبسٽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي پڙهائي رهيو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بشير احمد شاد، ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بشير احمد شاد، ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن