داخلا نمبر 2016
عنوان بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 323 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو

ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو

بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر

بشير احمد چانڊيو، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 24 اپريل 1943ع تي خيرپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم خيرپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ، ماڊل اسڪول، اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن ته بي. ايس. سي 1968ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. ساڳئي سال ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيو، جڏهن ته 1971ع ۾ ترقي ڪري ساڳئي اداري ۾ ليڪچرر ڀرتي ٿيو. بعد ۾ 1974ع ڌاري اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جڏهن زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ته کيس اتي ئي 1982ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رکيو ويو. 1983ع ڌاري يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (آمريڪا) مان پي. ايڇ. ڊي ڪري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتائين. پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کان پوءِ، 1985ع ۾ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. 1986ع ۾ ڊرينيج اينڊ ريڪليميشن انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ 1992ع ۾ ڪائونسل آف ريسرچ ائنڊ واٽر ريسورس جي چيئرمئن ٿيڻ کان پوءِ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، جڏهن ته هن آمريڪا جي ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو، مختلف ڪائونسلن ۽ سماجي تنظيمن ۾ عهديدار پڻ رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، آمريڪن سوسائٽي آف سول انجنيئرنگ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ جو ميمبر پڻ آهي. پاڻ مختلف ملڪن جا دورا پڻ ڪري چُڪو آهي، جن ۾ چين، سوڊان، ايران، اردن، مصر ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. مختلف موضوعن تي، سندس تحريرون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.04.24  عيسوي

ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 24 اپريل 1943ع تي خيرپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون